برازيل جي صدر آرمي چيف کي هٽائي ڇڏيو

برازيل جي صدر آرمي چيف کي هٽائي ڇڏيو

برازيليا: برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برازيليا ۾ ٻن هفتن کان جاري احتجاج کانپوءِ صدر لولا ڊي سلوا ملڪ جي آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي ارودا کي برطرف ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي اروڊا 30 ڊسمبر تي عهدو سنڀاليو.

هي پڻ پڙهو

برازيل جو اڳوڻو صدر جيئر بولسنارو اسپتال داخل

برازيل جي اڳوڻي صدر جي حمايتين پارليامينٽ جي عمارت تي حملو ڪري صدر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي

جنرل ارودا کي صدر لولا ڊي سلوا جي ويجهي ڪمانڊر، جنرل ٽاماس ريبيرو پويا جي جاءِ تي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو پيو وڃي، جنهن احتجاج ڪندڙن کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪئي ۽ عوام کي صلاح ڏني ته هو صدارتي چونڊن جا نتيجا قبول ڪن.

صدر لولا ڊي سلوا جو چوڻ آهي ته کيس شڪ آهي ته هٿياربند فوج جا اهلڪار به مظاهرين سان شامل هئا، برازيل جي صدر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي برطرف ڪري چڪو آهي.

ياد رهي ته برازيل جي اڳوڻي صدر جيئر بولسونارو جي هزارين حمايتين 8 جنوري تي راڄڌاني برازيليا ۾ مظاهرو ڪيو ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا.

ميڊيا رپورٽن موجب مظاهرن ۾ درجنين سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، مظاهرين صدارتي محل، ڪانگريس ۽ سپريم ڪورٽ جي عمارتن کي به نقصان پهچايو.

برازيل جي پوليس اختيارين موجب 8 جنوري تي ٿيل پرتشدد احتجاج دوران 2 هزار ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن مان 1200 اڃا تائين حراست ۾ آهن.

ھي بہ پڙھو

آءِ ايم ايف ڳالهين دوران پاڪستان آڏو نوان مطالبا رکي ڇڏيا

آءِ ايم ايف ڳالهين دوران پاڪستان آڏو نوان مطالبا رکي ڇڏيا

ڪراچي:آءِ ايم ايف ڳالهين دوران پاڪستان آڏو نوان مطالبا رکي ڇڏيا، آءِ ايم ايف پاڪستان …