بدين – ٽنڊوغلام علي جي نوجوان جو ٻوري ۾ بند لاش مليو

 ٽنڊو غلام علي پوليس چئن ڏينهن کان گم ٿيل نوجوان جي قتل جي انڪشاف بعد جوابدار ماروٽ جي نشاندهي تي ڪلوئي ويجهو واري جي ڀٽن مان ٻوري بند لاش هٿ ڪري ورتو، مک جوابدار، سندس ڀاءُ ۽ اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. ٽنڊو غلام علي ويجهو ڳوٺ چوڌري اقبال ورڪ مان نوجوان رمضان پٽ عبدالسلام جٽ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، شڪ جي بنياد تي گرفتار جوابدار محمد ايش جي نشاندهي تي مقتول نوجوان جو ٻوري بند لاش ڪلوئي شهر لڳ واري جي ڀٽن مان ھٿ ڪيو ويو، ٽنڊو غلام علي پوليس لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول رمضان جي ڀائرن مولوي مصور ۽ شهزاد جٽ ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ رازڪو ڪم ڪندو هو، جنهنجي گم ٿيڻ بعد پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ رمضان جي محمد ايش جٽ سان منهنجي ماري به ٿي هئي، جيڪو اسان جو ماروٽ آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي کيس گرفتار ڪيو ته جوابدار رمضان کي قتل ڪرڻ جو وٽ اعتراف ڪيو، پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي نشاندهي تي نئون ڪوٽ لڳ ڪلوئي شهر جي لڳ واري جي ڀٽن مان لاش هٿ ڪري جوبدار وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي ۽ ڪلٽس ڪار هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث مک جوابدار محمد ايش جٽ دوران انڪوائري ٻڌايو ته مقتول مونکي گار ڪندو هو، جنهن سبب مون پنهنجي ڀاءُ سيف الله جي مدد سان کيس گهران سڏي يرغمال بڻايو ۽ اوطاق تي کيس سمجهايوسين، پر هو نه مڙيو ۽ ساڳي رويي سبب مونکي ڪاوڙ آئي ۽ مان مٿس ڪهاڙين جا وار ڪيا ته هو مارجي ويو، جنهن بعد سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڪلوئي شهر لڳ واري جي ڀٽن ۾ پوري ڇڏيو هو، ٻئي طرف مقتول جي ڀاءُ شهزاد جي فرياد تي ٻن جوابدارن محمد ايش ۽ سندس ڀاءُ سيف الله جاٽ ۽ ٻين اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …