بدين ايس ٽي پي جو سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاھرو

ايس ٽي پي سميت سنڌ پرستن پاران سنڌ دشمن منصوبي خلاف ايوان صحآفت , پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سنڌ ورھائڻ جي ڳالھ تي قوم پرست مڇرجي روڊن تي اچي ويا وفاق ۽ ملڪ دشمن پارٽي ايم ڪيو ايم خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري زور دار ناري بازي ڪئي مظاھري جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شاھنواز . غلام قادر مراداڻي پاران ڪئي وئي ھنن چيو ته سنڌ صدين کان آھي ۽ رھندي سنڌ جي ورھاڳي جي ڳالھ ڪندڙ غدار ۽ سنڌ دشمن آھن ايم ڪيو ايم سدائين سنڌ دشمن رھي آھي ۽ سنڌين سان ظلم ڪندڙ پارٽي رھي آھي ۽ سندن وڏي سنڌ دشمن الطاف جي ذھينيت تي ھلندڙ آھن پر سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ جي بقا ءُ , سلامتي لاء ويڙھ لاء تيار آھي جيستائين ان فيصلي کي واپس نه ورتو ويندو تيستائين آرام سان نه وھنداسين سنڌ ھڪ آھي هڪ رهندي سنڌ کي ورهائيندڙ پاڻ فنا ٿي ويا سنڌ جو هر فرد قربانيون ڏيڻ لاء تيار آھي ۽ پليت ڪڏھن به پنھنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڪراچي سنڌ آھي سنڌ رھندي مظاھري ۾ انور علي کوسو. رسول بخش چانگ . غلام مطفي کوسو . حسين نظاماڻي ڪاشف عمراڻي ,وسيم انڙ , امان مريداڻي حاڪم عمراڻي , دلدار عمراڻي ۽ ٻيا شامل ھئا

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …