بدين-انيلا ڪيس – جوبدار 5 ڏينھن جي رمانڊ تي

بدين، ماتلي، ٽنڊو غلام علي(نمائندن وٽان) ماتلي جي عدالت شاگردياڻي انيلا ميگهواڙ ڪيس جي مک جوابدار سوم ميگهواڙ کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ٽنڊو غلام علي پوليس گرفتار جوابدار سوم ميگهواڙ کي ماتلي جي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.
عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدار سوم ميگهواڙ کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.
هوڏانهن پوليس مک جوابدار سوم ميگهواڙ جي گهر تي مبينا ڇاپو هڻي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته شاگردياڻي انيلا ميگهواڙ سوشل ميڊيا تي بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي زهر پي زندگي جو انت آندو هو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار مهيش ۽ اشوڪ گرفتار نه ٿي سگهيا

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …