بحريا ٽائون خلاف سنڌ جو تاريخي ڌرڻو، شيلنگ ، فائرنگ، سوين ڪارڪن گرفتار

بحريا ٽائون خلاف سنڌ جو تاريخي ڌرڻو، شيلنگ ، فائرنگ، سوين ڪارڪن گرفتار

Report Imtiaz Samoo

بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو ڌرڻي دوران عوام جو سمنڊ اُٿلي پيو، علائقو سنڌ تي والار نامنظور جَي نعرن سان گونجي اُٿيو، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي قومپرست ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين جا قافلا بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان پهتا ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن بحريا ٽائون جَي گيٽ اڳيان سُپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو بحريا ٽائون خلاف پرامن احتجاج فائرنگ، آنسو گيس واٽر ڪينن ۽ تشدد جي ور چڙهي ويو. سوين عورتون، ٻار، پوڙها ۽ نوجوان بيهوش ۽ زخمي، سوين ڪارڪن گرفتار. رپورٽ موجب بحريا ٽائون انتظاميا ڪيترن مهينن کان سنڌينجي قديمي ڳوٺن، قبرستانن، لنگهن کي ڊاهي، ماڻهن تي تشدد ۽  گرفتار ڪرائڻ خلاف مقامي ماڻهن جو پرامن احتجاج جاري هو  ۽ آچر ڏهاڙي سنڌ ايڪشن ڪميٽي   مين گيٽ آڏو پرامن ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪرڻ تي لکين ماڻهو گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي  ويهي رهيا. جيئن ئي پرامن ڌرڻي کي مرڪزي اڳواڻن خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته بحريا گيٽ ۽ اندران دونهون نظر آيو جنهن تي تقرير جي وچ ۾  واضح اعلان ڪيو ته شرپسند اسان مان ناهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڀڃ ڊاهه اندر ٿي رهي هئي ۽ اندران ئي پوليس اسٽيج تي فائرنگ، شيلنگ  شروع ڪري ڏني جنهن ڪري تقريرن کي روڪيو ويو ۽ ڪارڪن کي پرامن رهڻ ۽ احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. تيز فائرنگ ۽ شيلنگ سبب اڳواڻ اسٽيج تان لهي ويا. اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪافي وقت عوام پرامن احتجاج ڪندو رهيو پر هزارين پوليس اهلڪار پرامن ماڻهن جي مٿان ڪڙڪي پيا جنهن سبب سوين عورتون، ٻار، پوڙها ،نوجوان بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا جن مان ٻه سئو کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري گڏاپ ٿاڻي تي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اھڙي صورتحال سبب پر امن  ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ ڪارڪن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا. ٻئي طرف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جلال محمود شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان خان  قريشي، رياض چانڊيو، خدا ڏنو شاھ، گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين سنڌ سرڪار تي الزام هڻندي چيو ته اسان بار بار واضع ڪيو ته ڌرڻو پرامن آهي جنهن کي سرڪار ۽ ملڪ رياض جا حامي پٽ ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هنن چيو ته عجيب ڳالھ آھي ته هزارين پوليس اهلڪار، بحريا سيڪيورٽي ،کاردار تارون ،ڪنٽينر جي هوندي چند شرپسند بحريااندر داخل ٿين انهن کي روڪڻ وارو ڪو ناهي. هنن چيو ته سڄي سنڌ جي روڊن تي پوليس رڪاوٽن جي باوجود لکين ماڻهن پھچي  ملڪ رياض ۽ زرداري ٽولي کي گهٻرائي وڌو جنهن ڪري هڪ سازش تحت پرامن ڌرڻي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ جي عوام پنهنجو ڀرپور موقف رکڻ ۾ ڪامياب ٿي  ويو هنن چيو ته روڊ تي پرامن ماڻهن تي فائرنگ، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري زخمي ۽ بيهوش ڪيو ويو انهي دوران زخمين ۽ بيهوش ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪيو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ۽ گرفتار ماڻهن کي جلد آزاد ڪيو وڃي،سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڀڃ داهه ۽ باهه جي واقعن کان لاتعلقي اختيار ڪندي چيو ويو ته اهي سازشي عنصر هئا، جن جو سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان ڪو تعلق ناهي.

وڌيڪ پڙھو

شهيد ڪمال راهمون جي 36 ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي

شهيد ڪمال راهمون جي 36 ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھيد ڪمال راھمون جي 36 ورسي جي موقعي تي مختلف …

Leave a Reply

Your email address will not be published.