بحريا ٽائون جي ظلم خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ايس ٽي پي جا احتجاجي مظاھرا جاري

بحريا ٽائون جي ظلم خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ايس ٽي پي جا احتجاجي مظاھرا جاري

بحريا ٽائون جي ظلم ۽ بربريت خلاف سنڌ ۾ احتجاج  جو سلسلو جاري، خبر موجب بحريا ٽائون جي ظلم ۽ بربريت خلاف سموري سنڌ۾ جاري احتجاج واري عمل جي سلسلي تحت سنڌترقي پسند پارٽي پاران ٽنڊو غلام علي ڀرسان زرداري پڪو جي مين اسٽاپ قاسم چوڪ تي ايس ٽي پي ضلع بدين جي رابطا سيڪريٽري عبدالجبار منڱريو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. انهي موقعي تي تقريرون ڪندي عبدالجبار منڱريو،حڪيم غلام مصطفيٰ منڱريو،جاني ڀيل ،عبدالغفور منڱريو  سميت ٻين خطاب ڪندي  چيو ته اها حڪومت جي نا اهلي آھي جو ملڪ رياض ۽سندس  مافيا سنڌي وسندين تي جبر ۽ ڏاڍ ذريعي دهشت پکيڙي  پراڻي  رهواسين مٿانهن سڌيون گوليون هلائي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش وارو عمل سنڌ دشمني تي مبتلا آھي. بحريا ٽائون وارا سنڌ ڌڻين کي ڏاڍ ۽جبر  جي زور تي سندن وسنديون خالي ڪرائڻ چاهين ٿا اهڙي سنڌدشمن عمل خلاف سموري سنڌهڪ ٿي هر جابر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھي.هنن چيو ته حڪمران  سنڌکي ٽوڙڻ وارين سازشن جو حصو رهيا آهن،  سنڌين جي ڀرپور احتجاج بعد  پنهنجي رهيل سک بچائڻ لاءِ ۽ ووٽن ۾ سنڌي قوم جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ وقتي طور ڪجه آفيسرن کي معطل ڪري پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهندي هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرجي ته بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ سندس مافيا خلاف ڪيس داخل ڪري ملڪ رياض ۽ ملوث مافيا کي جلد گرفتا ر ڪيو وڃي .اڳواڻن چيو ته حڪومت   بحريا ٽائون جي مالڪ کي سنڌجي زمين وڪرو ڪندڙن کي پڻ وائکو ڪري. انهن غدارن خلاف پڻ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن آئينده ڪنهن کي سنڌ جي سر زمين وڪرو ڪرڻ جي جرئت به نه ٿي سگهي.بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض جي ڇاڙتن پاران ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ ۽ قبضي ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ضلعي سانگهڙ پارن رڪن ٻرڙا ۾ ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ جعفر سنڌي،جان محمد ابڙو،مختيار لغاري،حبيب خاصخيلي،نظير سولنگي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ۽ مخلف سياسي سماجي اڳواڻن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھر مظاھري دوران بحريا ٽائون ۽ حڪومت جي خاموشي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاجي مظاھري کي ڪامريڊ جعفر سنڌي،جان محمد ابڙو،مختيار لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جا سنڌي ڳوٺ ڊاھڻ وارو عمل سنڌ ڌرتيء تي ھڪ وار آھي ان سنڌ دشمني واري وار ۾ ملڪ رياض سان گڏ حڪومت شريڪ آھي جنھن جو ثبوت سڄي سنڌ بحريا ٽائون خلاف آھي ايس ٽي پي ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ ڪراچي جا ڳوٺ ته ڇا پر ھڪ انچ به ملڪ رياض ۽ سنڌ دشمن قوتن کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ڪراچي جا ڳوٺ بچائڻ لاءِڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ ايس ٽي پي ۽ قومپرست ڌريون ڪراچي جي مظلوم ڌرين سان گڏ آھن عيد بعد سنڌ جو سياسي شعور ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ ملڪ رياض ۽ حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ ۾ ھوندو ڪراچي جا ڳوٺ ۽ سنڌ جو وجود بچائڻ لاء ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ اڳ جيان جي اسان کي جانين جا نذرانا ڏيئڻا پيا ته ڏينداسين پر سنڌ جو وجود بچائينداسين ۽ حڪومت کي ھن وقت پنھنجي ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي سنڌ جو وجود بچائڻ لاء سنڌ جو نظرياتي شعور سنڌ جي ھر شھر ۾ سنڌ دشمن ملڪ رياض ۽ حڪومت خلاف احتجاج جي عمل ۾ ثابت قدم طور اچي چڪو آھي،

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …

Leave a Reply

Your email address will not be published.