اڻ موٽ ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد نظير عباسي

منهنجي سياسي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا واقعا جن منهنجي زندگي تي ڪافي اثر ڇڏيا انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن ان وقت جي حالتن ۽ انهن ڪردارن جي ڄاڻ ملي جنهن سان اسان جي اڄ ڪافي رهنمائي ملي سگهي ٿي ۽ ان وقت جي حالتن کي سمجهڻ م ڪافي مدد ملي سگهي ٿي.
.. اڄ مان سنڌ جي امر اڻ موٽ ڪميونسٽ ڪردار شهيد نذير عباسي سان ڪيل ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪندس. اهو 9 آگسٽ 1980 ڏهاڙي مان گمبٽ لڳ مهتاڻي ڳوٺ ۾ سياسي ميٽنگ کان پوءِ شام جو هالاڻي پهتس ۽ رات جو دوستن مرتظا سيال نذير چنا اقبال گاڏهي شريف سومرو پريل سولنگي ۽ ٻين سان ڪچهري ۾ محو هياسين ته خانواهڻ سان تعلق رکندڙ رکندڙ وڪيل دوست بهار عباسي اجي ٻڌايو ته خبر پئي آهي ته ڪراچي ۾ نذير عباسي کي ٽارچر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي. مون کيس رڙ ڪندي پڇو ته ڇا پنهنجو ڪامريڊ نذير عباسي. جواب ۾ چيائين جي ڪامريڊ نذير عباسي. بي انتها درد جي ڪيفيت منجهان سندس اکين ۾ ڏٺو ته سندس اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا جڏهن ته سندس تعلق جئي سنڌ سان هو. اسين ڪافي سڪتي واري ڪيفيت ۾ خاموشي سان هڪٻئي سان ڏسندا رهياسين ڪنهن وٽ ڪنهن کي آٿت ڏيڻ لاء لفظ نه هيا. اسين دوست رات جو نوين ڌاري بوجهل قدمن سان اسان جي عزيز دودو گاڏهي جي سگريٽن جي ڪيبن ڏانهن روانا ٿياسين جنهن وٽ ريڊيو هوندو هو غير سياسي ماڻهون هجڻ باوجود روزانو ريڊيو بي بي سي ٽي خبرون ضرور ٻڌندو هو ۽ ان وقت اهڙين خبرن جو واحد ذريعو بي بي سي تان هلندڙ خبرون هوندو هو. اسين سمورا دوست رات جو ساڍي ڏهين وڳي وارين خبرن جو بي چيني سان انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٻي بي سي ريڊيو ان ڳالھ جي تصديق ڪئي ته ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ نذير عباسي کي فوجي ٽارچر ذريعي ڪراچي ۾ ماريو ويو آهي. ان وقت مون پنهنجي ذهن ۾ جنرل ضياء سندس رجيم لاءِ سخت نفرت جو احساس محسوس ڪيو جيڪو اڄ به ان لاءِ ۽ سندس رجيم لاءِ موجود آهي. اسين سمورا دوست احساس جا صليب ذهن تي کڻي بغير ڪجهه هڪٻئي کي چوڻ جي نظرن نظرن ۾ هڪٻئي سان تعزيت ڪندا گهرن ڏانهن روانا ٿي وياسين.
مون بي روزگاري جي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ 1978 جي شروعاتي مهينن ۾ ماڊرن ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو ڄام ۾ دوست جي معرفت نوڪري حاصل ڪئي. مل ۾ صرف هڪ انتظاميا جي ٺهرايل مزدورن جي هڪ پيڪٽ يونين هوندي هئي جيڪا مزدورن بجاءِ مالڪن جي مفادن جي ترجمان بڻيل هئي. مون سان وڏي تعداد ۾ مزدورن رابطو ڪري چيو ته ملز اندر مزدورن جي حقن لاءِ ٻي مزدور يونين رجسٽر ڪرائجي. مان ڪجهه مل جا مزدور دوست يونين رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ قائم ورڪرز فيڊريشن جي آفيس وياسين جتي شميم واسطي ۽ بشير احمد سان ملاقات ٿي شميم واسطي ان وقت انتهائي سرگرم ۽ ڪٽر ڪميونسٽ فڪر سان لاڳاپيل هو جيڪو اڳتي هلي جنرل ضياء جي دور ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي وٺ پڪڙ ۽ گرفتارين کان تنگ ٿي وري ڪٽر ملو ٿي ويو ۽ پوءِ ذيل پاڪ سيمنيٽ فيڪٽري لڳ مسجد جو پيش امام ٿي ويو ۽ اڳ جهڙي نموني ڪميونسٽ فڪر جي ملن ۾ پهچي تبليغ ڪندو هو اهڙي نموني پوءِ دين جي تبليغ لاءِ گلين ۽ محلن ۾ نڪري پوندو هو. يونين ٺاهڻ دوران هو مونکي به سرخو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳي ويو. هڪ ڏينهن مونکي منجهند جي وقت هڪ گهر ۾ وٺي ويو جيڪو قلندر بخش مهر نالي ڪامريڊ جو گهر هو جيڪو شايد ايس آر ٽي سي ۾ ملازم ۽ اتي مزدور يونين جو اڳواڻ هو گهر جي ڪمري ۾ ٽي کن همراه موجود هئا جتي منهنجي ڪامريڊ نذير عباسي سان پهرين ملاقات ٿي جيڪا سندس ٻئي نالي ۽ ذات واري سڃاڻپ سان ٿي ڪلاڪ ڏيڍ جي ان ملاقات دوران اڪثر وقت ڪامريڊ نذير عباسي ڳالھائيندو رهيو ۽ اسين ٻڌندا رهياسين جنهن ۾ پورهيت انقلاب طبقاتي جدوجهد جنرل ضياء جي مارشلا وغيره مون سندس ڳالهائڻ جي انداز ۽ فڪري وسعت ۽ موجود جستجو جي عزم کي ڏسندو ٻڌندو ۽ محسوس ڪندو رهيس. اسان جي بي ملاقات شايد ڊسمبر جي مهيني ۾ 1978 ۾ نصرپور شهر ۾ ڪامريڊ امان الله ميمڻ جي گهر تي پروفيسر شڪور دائود پوٽو معرفت ٿي پروفيسر شڪور سنڌ جي وڏي سنڌ ۽حق پرست عالم مولانا عبدالحق رباني جو پٽ هو وٽس سخت روپوشي وارن ڏينهن ۾ به ڪامريڊ ڄام ساقي. ڪامريڊ نذير عباسي ۽ ٻيا کاٻي ڌر سان لاڳاپيل ڪافي ڪامريڊ ايندا رهندا هئا. ان ملاقات ۾ ميزبانن جي خاطري ڪرائڻ تي ڪامريڊ جي اصل نالي سان واقفيت ٿي. اٺ کن دوست ڪچهري ۾ شامل هياسين کيس حيدرآباد ۾ ڪيل منهنجي پهرين ملاقات ياد هئي پنجن ڪلاڪن تائين هلندڙ ان ملاقات ۾ سانده ٻه ڪلاڪ کن ڪامريڊ ليڪچر جي انداز ۾ مارڪسزم ان جا فڪري عملي پاسا. ٽراٽسڪي ازم. مائوزتنگ جي فڪر. پاڪستان ۾ ڪميونسٽ هلچل. عالمي حالتن وڌندڙ ڪميونسٽ تحريڪ جي اثرن. افغانستان جي انقلاب اتي خلق ۽ پرچم پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي چڱي خاصي ڄاڻ سان روشني وڌي. پوءِ سوالن جوابن جي وقت مون سميت سمورن دوستن کائنس سوال ڪيا جنهن جي جوابن دوران چڱو خاصو بحث پڻ ٿيو ويٺل دوستن ۾ اسين چار دوست ان وقت عوامي تحريڪ ۾ شامل هئاسين ۽ پارٽي اندر ان وقت اسان جا پليجو صاحب سان اختلاف هلندڙ هيا جنهن جي ڪامريڊ نذير عباسي کي ڄاڻ هئي ۽ ان جي ڪوشش هئي ته هو اسان پليجو صاحب سان اختلاف رکندڙ دوست الڳ ٿي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيون.ان ڪچهري ۾ گهڻو تڻو بحث ڪميونسٽ پارٽي جي قومي سوال تي موقف تي ۽ افغانستان ۾ سويت يونين جي فوجي طاقت سان آندل انقلاب تي ٿيو اسان افغانستان ۾ آيل انقلاب کي روس جي تڪڙ ٿي سمجهو جڏهن ته ڪامريڊ روسي قدم جي حمايت ۾ دليل ٿي ڏنا ڪچهري جي اختتام تي ماني دوران نجي ڪچهري جي ابتدا ٿي ته ڪامريڊ مونکان پڇو اوھان اصل ڪٿان جا آهيو. مون کيس ٻڌايو ته مان هالاڻي جو آهيان مون کيس ٻڌايو ته منهنجي چاچو هاري ڪميٽي سان لاڳاپيل هجڻ ڪري ادي حميده گهانگهرو جي والد چاچي هاشم گهانگهرو سان خاصو پنهنجائپ وارو رشتو آهي ۽ ادي حميده جي محراب پور ۾ ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ واري ادي جي هلايل تحريڪ وقت اسڪول ۾ پڙهندي ان تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار پڻ ادا ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن جي لاڪپ ياترا به ڪئي آهي ان وقت ادي حميده جي جيڪا ان وقت اسان جي تر ۾ ڪامريڊ گهانگهرو جي نالي سان مشهور هئي ان جي شادي ڪامريڊ نذير عباسي سان ٿي چڪي هئي ۽ اها به روپوشي واري زندگي گذاريندي هئي. اهڙي تعرف کان پوءِ اسان جي وچ پيل تنظيمي لڪير ختم ٿي وئي ۽ ان ملاقات ۾ ڪافي ويجهڙائپ جي رستي ۾ جڙي وياسين ۽ جلد وري ملڻ ۽ ڪچهرين جي سلسلي کي جاري رکڻ جو چيو. منهنجا ان وقت اهي احساس هيا ته هڪ مدبر نوجوان جيڪو مارڪسي فلسفي تي جھجھي ڄاڻ سان گڏ مروج مدي خارج طبقاتي نظام سان اڳين مورچن تي وڙهندڙ هڪ ڪمانڊر. عالمي حالتن کان باخبر هڪ سنجيده ڳالھ کي بهترين انداز سان رکڻ جي ڏائن سان سرشار اتساهه ڀريء ڪردار مان مستقبل ۾ ڪافي ڪجھ سکڻ لاءِ لاءِ ملندو. جنهن وقت اسين مليا هئاسين اهو وقت جنرل ضياء ۽ ان جي رجيم جو قھري دور هو سياست تي سياسي چرپر تي سخت پابنديون هيون خاص طور ڪميونسٽ پارٽي. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن. کاٻي ڌر جي سمورين پارٽين ۽ جمهوري پارٽين مٿان سخت مارشلا جي يلغار هئي ۽ ڪامريڊ سخت روپوشي واري زندگي گذاريندو هو موڪلائڻ وقت اسين سڀ ويندڙ گس جو هڪٻئي کي ڏس ڏيڻ بجاءِ پنهنجي پنهنجي گس سان روانا ٿي وياسين. پر ان جذبي سان ته ضرور ملبو.
جڏهن ماڻهن جون منزلون ساڳيون هجن ته پوءِ ڪٿي نه ڪٿي پرچار ۽ خبر چار پئي ملندي يا وٺبي آهي اسان پليجو صاحب کان سياسي تنظيمي سفر الڳ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي جو بنياد وڌو انهن سرگرمين دوران خبر چار پئي ملندي هئي ته اڄ ڪامريڊ نذير هتي هيو ڪلھ هتي هيو گذريل مهيني فلاڻي جاء تي مليو هي ٿي چيائين هو ٿي چيائين تنوارون ساڳيون انقلاب ۽ آزادي انساني ۽ جمهوري حقن جي بحالي ڪامريڊ متعلق اهي خبرون پيون ملنديون هيون . الهڙ نوجواني جا بيپرواهه انقلابي اتساهه سان ڀرپور راتيون ۽ ڏينهن نه بک جي خبر نه طعام ۽ چڱي قيام جي طلب.
1980 آرهڙ جا ڏهاڙا هيا مان النور شگر ملز شاهپور جهانيان لڳ ڳوٺ ننگر چنا ۾ رٿيل سياسي ميٽنگ جي سلسلي ۾ آيل هيس ته شام ڌاري دوست خبر ڏني ته ڪامريڊ نذير عباسي کنڀجي ويو آهي ۽ چون ٿا ته نوشهروفيروز جي ڪنهن لاڪپ ۾ آهي سندس ڪو ويجھو عزيز خبر لهڻ لاءِ نوشهروفيروز آيل آهي. اسان لاءِ سخت پريشاني واري خبر هئي ميٽنگ مان فارغ ٿي اسين ڪجهه دوست اتان نڪري رات اچي مورو شهر ۾ رهياسين صبح جو نوشهروفيروز پهچي خبر لهڻ جي ۽ ڪامريڊ جي خبر چار وٺڻ لاءِ آيل دوستن سان ملڻ جي جام سارين ڪوششن باوجود ڪاميابي نه ٿي ٻن ڏينهن کان پوءِ سيد نثار شاھ جيڪو ان وقت ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان لاڳاپيل هو ملاقات ٿي جنهن خبر ڏني ته ڪامريڊ جي وني حميده گهانگهرو ۽ دوست آيا هئا تمام ڪوششن جا وجود صرف ايتري خبر پئي ته واقعي ڪامريڊ نوشهروفيروز جي لاڪپ ۾ موجود هو جنهن کي هاڻي ڪراچي جي ڪنهن ڪيمپ ۾ نيون ويو آهي.
.. ۽ اڄ 9 آگسٽ 1980 تي ڪجھ عرصي کان پوءِ کيس گمنامي جي صورت ۾ شديد ٽارچر ڪندي لاحاصل ڪوشش راز اڳلائن جي اميد سان کيس عذاب ڏيندي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ سندس ٻي جان جسم کان به خوف کائيندي وڏن اسٽالن سان گڏ سخي پير حسين ڪراچي جي قبرستان ۾ لاش مائٽن حوالي ڪرڻ بجاءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد نذير عباسي کي مٽي ۾ دفن ڪندڙ جنرل ضياء اهو سمجهيو هوندو ته سندس هڪ حريت پسند مان جان آجي ٿي. پر نذير عباسي جنهن هڪ سچي وطن پرست ۽ مارڪسي فلسفي جي سچي پيرو ڪار طور پنهنجي جان جو ٻليدان ڏنو ان اهڙي اتساهه پيدا ڪيو جنهن اتساهه جنرل ضياء جي سڄي حڪومتي عرصي ۾ ساڻس ان نعري سان مقابلو ڪيو ته نذير عباسي جو رستو اسان جو رستو ۽ جنرل شاهي جو نذير عباسي جي شهادت مان ماڻيل اتساهه سان جيلن. ڪوڙن ۽ڦاسي گهاٽن کي جوان مردي سان منهن ڏئي پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو

وڌيڪ پڙھو

ڊهندڙ ۽ نيون ٺهندڙ لڪيرون-هوت خان گاڏھي

عرصو اڳ مون ڪرشن چنڊر جي هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي جنهن جو تت ته ياد …