اچو تہ سوچيون-غلام قادر پنھور

غلام قادر پنھور

هيل برکا رُت جوڀن ۾ آهي چئوطرف سانوڻ مُند جا وسڪارا جاري آهن. هر طرف ماحول ۾ مهڪار لڳي پئي آهي، ڀٽائيءَ جي ڀونءَ تي ڀيڄ ڀنيءَ جي مڌ مست موسم فضائن ۾ هڪ عجيب سحر طاري ڪري ڇڏيو آهي. مادرِ وطن جي مانائتي مٽيءَ ۾ هڪ لاثاني هڳاءُ احساسن جي انڊلٺ پکيڙي رهيو آهي، فضائن ۾ گُلن جي خوشبوءِ وکري رهي آهي، ڪاڇي تي ڪارونڀار، اُتر جون اوتون، واهونديءَ جا ٿڌڙا واءُ ۽ لاڙ پٽ جون لاکيڻيون هوائون سنڌو ماٿريءَ جي سونهن ۾ بي پناهہ اضافو ڪري رهيون آهن، بسنتي رُت جون هي ڪچڙيون بوندون، باک ڦٽيءَ مهل پرھ جي ڪنهن پھر ۾ ڪنهن پري رهندڙ پرينءَ جون ساروڻيون ساڻ کڻي اچي رهيون آهن. مطلب ته وٺي پڄاڻان سونهنء ۽ سندرتا جا سمورا ڪومل جذبا ڪنهن ڏاهي جي قول جيان يادگار بڻجندا وڃن ٿا.
سونهن ڪائنات جو اھو سندر جذبو آهي جنهن جي ساراه لاءِ لفظ بي پھچ بڻجي پون ٿا، ھي ڪھڪشائن جا رنگ، ھي آبشارن جا آواز، ھي ستارن جي جهرمر، ھي سانوڻ رت ۾ پوپٽن جي کينچل، گلن جا مٿان ڀونئرن جا ڀيرا، چوڏهينءَ جي چانڊوڪي رات ۾ درياءَ بادشاھ ۾ چنڊ جو عڪس هي آسماني وسعتن ۾ انڊلٺ جا رنگ ڌرتيءَ جي سيني تي چئوطرف وڇايل ساوڪ، ھي سنڌ نگريءَ ۾ ساريالي جي وڻندڙ فصل سان گڏ معصوم ٻار جي مرڪ ممتا جي مٺڙي جهولي ڪنهن کليل اڱڻ تي ڪنهن ٻار جا ٻاتا ٻول ۽ موسيقيءَ جو مڌر آلاپ ۽ سونهن نگر جا ٻيا انيڪ منظر، مطلب ته هي سڀ سونهن جا اهي سدا ملوڪ روپ آهن، جيڪي انساني آدرشن کي هڪ نئون روح بخشين ٿا ۽ زندگيءَ آرزو جي آڌار تي هڪ نئين جستجو جي لگن ۾ لڳي وڃي ٿي سونهن سچ ۽ سُر ڪائنات جا اهي لافاني جذبا جن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حقيقت آ اسان سڀ پيٽ جي پوڄا ۾ جيئڻ ڪارڻ وڏا جهنجهٽ ڪري رهيا آهيون، زندگيءَ جي ان ڊوڙ ۾ مصروف رهندي سونهن جا سمورا سونا روپ رنگ پنهنجي اڳيان الاءِ ڇو بي معني بڻجندا ٿا وڃن.
اچو ته اڄ وقت جي وٿيءَ مان فائدو وٺي من پاتال جي سمورين سچائين سان سوچيون، ها اچو ته هن جهڙالي مند ۾ پنهنجي جذبن کي جنهنجهوڙي فقط ٿوري دير لاءِ اهو سوچون ته ڇا اسان سچائيءَ جي ساک رکي سگهيا آهيون ۽ اسان انسان هئڻ جي ناتي انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڇا ڪري سگهيا آهيون اسان ماڻهپي جي معيار تي ڪيترو پورا لٿا آهيون، ڇا اسان ڪڏهن ديس ۽ ديس وارن جي دردن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جي نه ته پوءِ اچو ته ان وقت کي گواھ بڻائي پاڻ اهو وچن ڪريون ته اسين زندگيءَ جي شاهراهہ تي هلندي پنهنجي من ۾ سرجندڙ واهيات سوچن کي ۽ پنهنجي اندر جي ارڏائپ کي ڪڍي انسانيت جي خدمت ڪري ماڻهپي جو مان مٿاهون ڪريون اچو ته ديس ۽ ديس جي ماڻهن کي اوکي ويل ڪم اچي زندگيءَ کي فنا ٿيڻ پوءِ به امر بڻائي ڇڏيون. مڃان ٿو اسان موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ تي، ڀنڀور ڪينجهر ڪارونجهر، مڪلي، منڇر ۽ ڪيٽي بندر جي عظمتن تي فخر ڪري سگهون ٿا ۽ اها حقيقت آ ته پاڻ پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي سموري سونهن سان بي پناهه پيار ڪريون ٿا پر پوءِ پاڻ کي پنهنجو پاڻ کان اها ڳالهه پُڇڻي پوندي ته ڇا ته ڇا اسان ان محبت جو ڀرم رکي سگهيا آهيون.
آئون سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڀر ۾ آباد گھاري شھر جي مردم خیز مٽيءَ تي سرڪار سڳوري جي ڏامر سان ٺهيل روڊن تي ڪنهن آواره بادل جيان راتين جو رولاڪ بڻجي زندگيءَ جي گهراين ۾ گهڙي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪندو آهيان ته اسان جي سوچ جي اُڏام آسماني وسعتن کي ته ڇُهي سگهي ٿي پر اسان ڌرتيءَ تي موجود ڪنهن جي لڙڪن جون آهون ۽ ڪنهن جي سُڏڪن جون صدائون ڇو نه ٿا محسوس ڪري سگهون مڃان ٿو ته جديد دور جو انسان چنڊ تي چڙهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آ پر ماڻهو ٻئي ماڻهو جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ اڃان تائين ناڪام ويو آ جيڪڏهن پنهنجي سوچ جي سگهہ کي مظبوط ڪري اڄ دل پاتال جي سمورين سچائين سان اهو عهد ڪريون ته اسان ھن مايوسين جي ڪارن بادلن مان نڪري زندگيءَ کي شاندار ۽ شاهڪار بڻائينداسين، ھر پاڪ پريت جي پت رکنداسين اسان هر حال ۾ سچائيءَ جي ساک رکنداسين هن لطيف جي نگريءَ ۾ نفرتن جو خاتمون آڻي محبتون پکيڙينداسين، شاهه لطيف سچل، سامي، اياز ۽ بخاري ها هي سڀئي چاهتن جا سفير ۽ محبتن جا امين هئا پوءِ ڇو نه پاڻ به صوفين اوليائن درويشن جي هن ڌرتيءَ کي مڪمل امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻايون اُن کان اڳي جو پاڻ سنڌڙي جي سونهن موٽائڻ لاءِ وس وارن کي اپيلون ڪيون ۽ پاڻ کي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ڇڏي نه ڏيون ڇو نه پاڻ ئي پنهنجي ديس جي پنهنجي وس آهر خدمت ڪريون، يقين ڄاڻو جڏهن پنهنجن هماليه جهڙن حوصلن جي اڳيان وقت جا سڀئي ويري هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا ته پوءِ راڄ به پنهنجو ته ڪاڄ به پنهنجو هوندو

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *