اچو ته ڪورونا وائرس کان پوءِ ذهنن جي ڪينواس کي وسيع ڪري دنياکي ڏسون


ڪرونا وائرس جو پهريون ڪيس 31 ڊسمبر 2019 تي چين جي شهر ووهان ۾ ظاهر ٿيو. اڄ 10 اپريل 2020 آهي پهرين ڪيس ظاهر ٿيڻ کان اڄ تائين ٽي مهينا ڏھ ڏينهن ٿيا آهن. دنيا ۾ ڪرونا وائرس جي هن وقت تائين ٿيل ٽيسٽن مطابق ڪرونا وائرس جي مريضن جو تعداد هڪ ڪروڙ تائين ۽ ڪرونا وائرس وگهي مرندڙن جو انگ هڪ لک آهي يعني هن وائرس وگهي مرندڙن جو ريشو هڪ سيڪڙو بيهي ٿو جيڪو مختلف ملڪن ۾ الڳ الڳ آهي. تعداد جي لحاظ سان مريضن مآمريڪا وڌيڪ آهي ۽ موت جو ريشو اٽلي ۾ هن وقت تائين وڌيڪ آهي.
دنيا جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ته هزارين سالن جي ڄمار ۾ دنيا اندر اهڙيون وبائون اينديون رهيون آهن ۽ انسان انهن کي منهن ڏيندو رهيو آهي. صرف هڪ صدي پوئتي هلنداسين ته خبر پوي ٿي ته 1918. ۾ اٽلي جي هڪ ننڍڙي شهر ۾ هڪ فلو وائرس وارو ڪيس ظاهر ٿيو جيڪو اسپين ويندڙ رستي تي هو اسپين ان وقت دنيا جو امير ملڪ ۽ ڪاروباري مرڪز هو ان وقت دنيا ۾ پهرين جنگ عظيم جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا ۽ فوجي ٽروپس قافلا جنگي محاذن ۽ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن هلندڙ هيا. اهڙي صورتحال ۾ اهو وائرس اٽلي کان ٿيندو اسپين پهتو ۽ پوءِ سڄي دنيا ان جي لپيٽ ۾ اچي وئي ان وائرس کي پوري دنيا ۾ اسپينش فلو وائرس جو نالو ڏنو ويو.. هن وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي موت جو ريشو ست سيڪڙو هو. ٻي سڄي دنيا کي مضمون جي توالت سبب ڇڏيون ٿا صرف آمريڪا کي مرڪوز ڪريون ٿا ان وقت آمريڪا جي آبادي اڄ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي ان باوجود هڪ ڪروڙ ماڻهون وائرس ۾ مبتلا ٿيا هئا جنهن مان ڇھ لک پنجهتر هزار ماڻهون هن وائرس سبب اجل جو شڪار ٿيا. آمريڪا جي اڌ آبادي بي روزگاري ۾ هلي وئي. 1918 کان 1919 دوران آمريڪا پنهنجي ملڪ جي پوري بجيٽ سمورا ڪم بند ڪري وائرس جي مد ۾ لڳائي 1920 ۽ 1921 جي سالن دوران آمريڪا ۽ ان جو بينڪ سسٽم ڏيوالي جو شڪار ٿي ويو ڪرنسي نوٽ اڻلڀ ٿي ويا. 1922 ۽ 1923 دوران مارڪيٽون کاڌي پيتي جي شين کان خالي ٿي ويون هڪ ڪلو راشن تي ملندڙ پٽاٽا وٺڻ لاءِ ماڻهن کي ڊگهين ڪتارن ۾ بيهڻو پوندو هو ۽ ماڻهن پنهنجي روزاني جي کاڌ خوراڪ جو اڌ گهٽائي ڇڏيو. ان ڪرائسس سبب 1933 تائين آمريڪا بلڪل ديواليا ٿي ويو ۽ پنهنجي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو قرضدار ملڪ ۽ آمريڪا سڄي دنيا کي مدد جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ان وقت جي سروي مطابق آمريڪا ۾ 1918 دوران نفسياتي مريضن جو انگ آبادي جو هڪ سيڪڙو هو ۽ 1928 ۾ آبادي جو ٽيھ سيڪڙو ٿي ويو. هن وائرس سبب دنيا معاشي ۽ سماجي محاذ تي ويھ سال وڙهندي گذاريا جيستائين 1936. ۾ هن وائرس کي ختم ڪرڻ جي دوا ايجاد نه ٿي.
هاڻي اچو ڏسون ته هن اسپينش فلو وائرس مان نڪرڻ لاءِ دنيا ڪيئن ڪهڙيون ڪوششون ورتيون. وري به فوڪس آمريڪا تي ڪريون ٿا جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. 1933 ۾ آمريڪا جو صدر روزويلٽ چونڊجي آيو جنهن اچڻ سان آمريڪا جي تباھ حال معشيت ۽ سماجي ڍانچي جي ٻيهر بحالي لاءِ هڪ گهڻ رخي ڪميشن قائم ڪئي. جنهن ۾ پنهنجي حمايتن سان گڏ سخت مخالفت ڪندڙن کي به ان ڪميشن جو حصو بڻايو ۽ چار سالا پهريون منصوبو جوڙيو ملڪ ۾ معاشي ترقي جي ايمرجنسي تحت ملڪ ۾ هيوي انڊسٽري قائم ڪرڻ. ملڪ ۾ روڊن جو ڄار وڃائڻ. هيوي مواصلاتي نظام قائم ڪرڻ. (. ياد رهي ته ان وقت آمريڪا ۾ اچ وڃ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو ريل هو جنهن جي ان وقت رفتار في ڪلاڪ چاليھ ميل ۽ سامونڊي ٻيڙا جنهن جي رفتار في ڪلاڪ اٺ ميل مس هئي ). زراعت کي صنعت جو درجو ڏنو. آمريڪا ۾ شامل رياستن کي آزادي ڏني ته هو جيئن مناسب سمجهن پنهنجي حالتن مطابق رياستن ۾ ترقياتي پاليسيون جوڙين مرڪزي حڪومت ان ۾ صرف مدد گار رهندي. روزويلٽ آمريڪا جو واحد ماڻهون آهي جنهن کي آمريڪا جي عوام چار دفعا صدر چونڊيو ۽ 1945 مرڻ گهڙيءَ تائين صدر رهيو . کيس آمريڪا جي جديد معمار طور اڄ به آمريڪا ياد رکيو اچي جنهن وقت روزويلٽ آمريڪا جي صدارت ڇڏي ته آمريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ بڻجي چڪو هو ان ۾ سندس صدارت جي آخري سالن ۾ ٻي جنگ عظيم جي دوران مدد ضرور ملي. آمريڪا جي هڪ رياست ڪيلفورنيا سخت وبا سبب متاثر ٿيل رياست هئي جنهن روزويلٽ جي پاليسين تحت ان وقت فلم انڊسٽري ۽ فارماسيٽيڪل دوائن جي انڊسٽري جو بنياد وڌو ۽ لکين ايڪڙ زمين بي زمين ماڻهن ۽ انڊسٽريز لڳائيندڙ ماڻهن ۾ مفت ورهائي اڄ آمريڪا جي معيشت جو وڏي ۾ وڏو حصو ۽ معشيت ڪيلفورنيا رياست جو آهي هن رياست کي دنيا جي رچ سرمائيدارن جي رياست به چيو ويندو آهي.
هن وقت تائين ڪروناوائرس سبب جيڪي ٽن مهينن جا دنيا ۾ جيڪي اثر ظاهر ٿيا آهن ڏاڍا ڀيانڪ آهن. دنيا جي پنجن طاقتور ملڪن جنهن ۾ روس کي ڇڏي باقي ملڪن جي ناڻي ذخيرن ۾ سورهن فيصد گهٽتائي آئي آهي. دنيا ۾ وڏن مالدار ماڻهن ۾ شمار ٿيندڙ دولت مند ماڻهن ۽ عالمي ڪمپنين جي مجموعي ناڻي ۾ ڏھ کان ٽيھ سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. دنيا جي اندر روزگار ڪندڙ برسر روزگار مان ٽيھ سيڪڙو بي روزگاري ٿي آهي ۽ روزاني جي بنياد تي انگ وڌندڙ آهن. اچ وڃ بار برداري لاءِ استعمال ٿيندڙ. بحري فضائي ڪمپنيز ۽ ٽرانسپورٽ ڪمپنيون مڪمل بند آهن. هوٽل انڊسٽري. ٽوئيرسٽ انڊسٽري. فلم انڊسٽري مڪمل بند آهي. جن ملڪن جي آمدني جو وڏو ذريعو ٽوئرزم مان حاصل ٿيندڙ هو اهي ملڪ تيزي سان پنهنجي معاشي سگھ وڃائي رهيا آهن. تفريحي ماڳن کان ويندي هر مذهب جون عبادتي سرگرميون ۽ عبادت گاهون بند آهن. نائٽ ڪلبس. جوا ۽ شراب خانا بند آهن. انڊسٽريز ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرميون لڳ ڀڳ اسي سيڪڙو بند آهن. اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۽ واپاري سرگرميون معطل آهن. سڄي دنيا ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙ ذريعا ۽ ٽيڪس ڪليڪشن سسٽم نه هجڻ برابر بچو آهي. دنيا جي سڄاڻ ۽ باخبر ادارن ۽ فردن جو ان ڳالھ تي ڄڻ اتفاق نظر اچي ٿو ته اهڙي صورتحال بغير نانگي وقفي جي هن سال جي نومبر مهيني تائين جاري رهندي ۽ اهو به چوڻ آهي ته صرف نومبر تائين اهڙي صورتحال جاري رهڻ سان وڏن ترقي يافته ملڪن جي پنجن سالن جي بجيٽ جيتري ملڪيتن جي نقصان جو انديشو آهي وچولن ۽ غريب ملڪن جو ۽ انهن جي عوام جي دردن ۽ ايندڙ ڏکيائن جو ڪاٿو لڳائڻ ئي ڀيانڪ آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن معاشري جي ضرورت جو پورائو ڪجي ۽ ماڻهون ايندڙ ٻن مهينن تائين پاڻ کي خودرو بنيادن تي گهرن ۽ پاڻ تائين محدود رکن ته دنيا وڏين ڀوڳنائن کان بچي سگهي ٿي ان باوجود به معاشي سماجي تباهڪارين کان علاوه دنيا ۾ ويھ ڪروڙ ماڻهن جي هن وائرس کان متاثر ٿيڻ ۽ ويھ لک ماڻهن جي مرڻ جو انديشو آهي. وري نيچر جو هڪ پنهنجو سسٽم آهي جيڪو اڃان سائنسي دنيا کان ٻاهر به ڪم ڪري ٿو نيچر جي ان حصي جو هن موقعي تي مدد واري ڪهڙي ۽ ڪيتري انسان ۽ دنيا لاءِ مددگار ٿي اچي ٿي ان تي اڳڪٿي ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي باقي توريل تڪيل سائنسي دنيا جو سسٽم ايئن بيان ڪيو وڃي ٿو……….
هوت خان گاڏهي

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …

Leave a Reply

Your email address will not be published.