اچو ته سنڌ سنواريون جي عنوان هيٺ ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ ٺٽو ۾ ڪانفرنس

ڪانفرنس جي صدارت ايس ٽي پي جي وائيس ڄام عبدالفتاح سميجو ڪئي. مختلف سياسي سماجي ۽ شهري اڳواڻن جي شرڪت

ٺٽو: سنڌ جي اھم ۽ ٻرندڙ مسئلن تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ”اچو تہ سنڌ سنواريون“ جي عنوان ھيٺ پريس ڪلب ٺٽو ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، صحافتينڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪانفرنس کي ايس ٽي پي جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو ھٿ وٺي سنڌ کي بدامني جي باھ ۾ اڇلايو ويو آھي، پھرين منشيات جون فيڪٽريون قائم. ڪري بدنام منشيات فروشرن جي رحم ڪرم تي سنڌ کي حوالي ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻي وري اغوا انڊسٽريز قائم ڪيون ويون آھن جنھن ۾ سردار، ڀوتار ۽ جاگيردار حڪمرانن جي سرپرستي ھيٺ عوام جو رت چوسي رھيا آھن سنڌ جي زمينن تي والار ڪري سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ جي سازش سٽي پئي. وڃي جيڪا ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو، ايس ٽي پي سڄي سنڌ اندر ڪانفرنس جي ذريعي عوام ۾ سجاڳي ۽ شعور بيدار ڪري رھي آھي تہ جيئن عام ماڻھو وسيلن جي وارثي ۽ وطن جي بقا جي جنگ ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي بيھي. ڪانفرنس کي ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاھاڻي، امتياز سمون ،ڊاڪٽر احمد نوناري، جلال شاھ، ناٿو بروھي، غلام علي مگسي، جميل سمون ، حڪيم بروهي ، راجو قريشي ،عوامي تحريڪ جي عبدالرزاق چانڊيو، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو، جيئي سنڌ محاذ جي امجد شورو، پي ٽي آئي جي سيد. امجد شاھ، طبقاتي جدوجھد جي سڪندر زئور، جماعت اسلامي جي عبدالله آدم گندرو، سماجي اڳواڻن گلاب لنڊ، عمران جوکيو، حيدر شورو، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي صدر محبوب بروهي، سينيئر. صحافين نظير جاکرو، مقصود جوکيو ، گسٽا اڳواڻ شيراز ميمڻ، مجلس وحدت المسلمين جي عبدالحسين شاھ، جاويد شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ھٿ وٺي سنڌ کي دوزخ جي دونھن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي. پئي وڃي، سہڌ جي زمينن تي تيزي سان والار ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي. پئي. وڃي، جڏھن تہ ڪينجھر، ھاليجي، گورک ھل اسٽيشن پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي نالي نيلام ڪيا پيا وڃن، قديمي ڳوٺ پڪا ڪرڻ بدران قبضاگيرن کي جعلسازي جي بنياد تي زمينون حوالي ڪرايون پيون وڃن. ھنن چيو تہ ھڪ طرف سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ بنجر بنايو ويو آھي تہ ٻئي طرف منشيات جي آزار کي عام ڪري بدامني جي باھ ٻاري وئي آھي. ھنن چيو تہ ھي وقت آھي تہ جدوجھد ڪري وطن جي وسيلن جي مالڪي ڪريون ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوامي. جاڳرتا پيدا ڪري ماڻھن ۾ شعور عام. ڪريون. ھنن عيد بعد احتجاجي تحريڪ ھلائڻ لاءِ پارٽي بنيادن جو اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آھي.

ھي بہ پڙھو

سال علائقي واسين پاران گڏ ڪيل رقم 4 لک33 هزار ماڻڪ بهراڻي ڳوٺ ۾ حادثي متاثرين ۾ ورهائي وئي.

سال علائقي واسين پاران گڏ ڪيل رقم 4 لک33 هزار ماڻڪ بهراڻي ڳوٺ ۾ حادثي متاثرين ۾ ورهائي وئي.

اونگر ( ن مزاحمت )جھرڪ ، ٽنڊوحافظ ۽ اونگر واسين 4 لک کان مٿي رقم …