اچو ته اڄ واري تيل جي دنيا تي نظر وجهون-هوت خان گاڏھي

. اچو اڄ تيل جي اهم دنيا تي نظر وجهون.
دنيا جي جنم کان اڄ تائين ان کي سمجهڻ جا مختلف زاويا رهيا آهن. انهن مان سڀ کان سگهارو ۽ قابل اعتبار ذريعو جيڪو تصور ٿئي ٿو اهو معيشت جي ۽ معاشي مفادن جي اک ۽ ذهن سان دنيا کي ڏسڻ آهي . اوائلي اشتراڪي نظام ۾ ڪٽنب قبيلي جي گڏيل سهڪاري معاشري جي ضرورت مطابق معاشري ۽ سماجي ڪاروهنوار جنم ورتو . پوءِ بادشاھتن جنم ورتو ته انهن جي جاه جلال ۽ معيشت کي هلائڻ لاءِ ليبر فورس جي ضرورت پئي ته ڏاڍن ڪمزورن تي قابض ٿي غلام ۽ آقا. غلامداري سرشتي کي جنم ڏنو. جنهن پاڻ غلامن جي ڊگهين بغاوتن ۽ معاشي سرشتي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي جاگيرداري سماج ۽ پوء سرمائيدار سسٽم کي جنم ڏنو ۽ مارڪس سرمائيداري سسٽم کي انسان جي ڦرلٽ جي صدين کان هلندڙ سسٽم جو حصو ۽ تسلسل ثابت ڪندي انسان جي طبقاتي سماج مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سرمائيداري نظام جو خاتمون آڻي سائنسي سوشلزم جو فلسفو ڏنو.
.. اڄ جيڪو دنيا جو سرشتو آهي ان جو گهڻو تڻو انحصار انرجي تي آهي ۽ انرجي جو وڏو حصو تيل. Oil. اهي جڏهن کان تيل دنيا جي هلندڙ سرشتي جو وڏو ڪارائتو جز ٿيو آهي ۽ دنيا جي اهم ضرورت ته دنيا جي سياسي سماجي ملڪي ڪاروهنوار به ان جي ارد گرد گهمندي نظر اچي ٿو. اسرائيل جي قيام کان گلف ۽ ايران تائين هلندڙ ڊگهو جنگي ماحول ۽جنگ جو بنياد به تيل آهي.. هن وقت دنيا جي تيل جي روزانو پيدا وار جو هجم هڪ لک ملين بيرل آهي ۽ دنيا جي روزانو کپت 93 ملين بيرل آهي هڪ بيرل ۾ 158 ليٽر تيل اچي ٿو. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آمريڪا آهي جيڪو روزانو ويھ هزار ملين بيرل پيدا ڪري ٿو. جيڪا دنيا جي ٽوٽل پيداوار جو ويھ سيڪڙو آهي ۽ سندس کاپي جو هجم دنيا جي پيداوار جو اٺونجاه سيڪڙو آهي باقي سندس ضرورتون ٻين ملڪن مان خريد ڪيل تيل مان پوريون ٿين ٿيون جنهن ڪري تيل جي سڄي ماحول کي پنهنجي ڪنٽرول ۽ اثر ۾ رکڻ لاءِ اهو سڀ ڪجھ کيس ڪرڻو پوي ٿو جيڪو سندس معرفت دنيا جي ڪافي حصن ۾ وهي واپري ٿو . تيل جي پيداوار ڏيندڙ ملڪن جي ترتيب هن ريت آهي. آمريڪا کان پوءِ يورپي يونين. چين. انڊيا. جپان. سعودي عرب. روس. ايران. يونائيٽيڊ عرب امارات. پاڪستان وغيره وغيره. اهڙي نموني جيڪي ملڪ دنيا ۾ تيل خريد ڪندڙ وڏا ملڪ آمريڪا کان پوء اچن ٿا انهن ۾ چين. جپان انڊيا وغيره آهن. سڄي دنيا ۾ جن ملڪن جي آمدني جو انحصار تيل آهي انهن جي ترتيب وار فهرست هن ريت آهي. سائوٿ آمريڪا جا ملڪ جنهن ۾ سرفهرست وينزويلا آهيئ ۽ پوءِ ٻيا ملڪ ، برازيل. قطر. ڪويت. سعودي عرب. ايران. عراق. لبيا. يونائيٽيڊ عرب امارات. ڪيناڊا. روس وغيره.
تيل جو ڪاروبار ٽن طريقن سان هلي ٿو. هڪڙو کليل طريقي سان اوپن مارڪيٽ ۾ کليل واڪ ذريعي. ٻيو تيل وڪرو ڪندڙ ملڪن سان سڌن سودن ذريعي. ٽيون اهي ملڪ جن عالمي تيل ڪڍندڙ ڪمپنين جن جي گهڻائي آمريڪا. برطانيا. چين ڪيناڊا. وغيره سان آهي انهن ڪمپنين سان تيل ڪڍڻ وقت ڪيل معاهدن مطابق انهن ڪمپنين سان طئي ٿيل اگهن مطابق تيل خريد ڪرڻ سان. کليل مارڪيٽ مان تيل خريد ڪندڙ وڏيون ڪمپنيون ۽ ناڻي جي سيڙپڪاري وڌ ۾ وڌ آمريڪا جي آهي بلڪ ايئن چئجي ته آمريڪا جي تيل جي ڪاروبار تي هڪ هٽي آهي. وري ننڍيون يا وچولي درجي جون ڪمپنيون يا کليل مارڪيٽ مان تيل خريد ڪندڙ ننڍين ضرورتن وارا ملڪ وڏين عالمي ڪمپنين کان تيل خريد ڪندا آهن. هنن سودن جي هڪ اهم ڳالھ جيڪا سمجهڻ جهڙي آهي اها آهي ته مهيني ۾ صرف هڪ ڏينهن مقرر هوندو آهي تيل جي کليل مارڪيٽ ۾ سودن طئي ڪرڻ لاءِ ۽ ڪيل سودن جو تيل ان تاريخ کان هڪ مهيني تائين کڻڻ لازمي هوندو آهي. ٻي ڳالھ جيڪا سمجهڻ واري آهي ته سڄي دنيا ۾ تيل ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش تمام گهڻي گهٽ آهي ان ڪري آئل فيلڊن مان نڪتل تيل جي سپلائي جو رستو سمنڊ هوندو آهي ان ڪري تيل وڌيڪ عرصو سمونڊ اندر تيل ڊوئيندڙ جهازن ۾ هوندو آهي.
هاڻي اچون ٿا تيل جي تازي صورتحال تي. ڇھ مهينا کن ٿيندا روس ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ خفيا ميٽنگ ٿي هئي. جنهن ۾ سعودي حڪومت بنيادي طور ايران کي نقصان رسائڻ لاءِ. ڇا ڪاڻ ته چيو وڃي ٿو ته روس ايران تي تيل جي وڪري تي پابندي هئڻ سبب ايران جو تيل چور بازاري واري مارڪيٽ مان سستي اگهه تي خريد ڪري ان تيل کي پنهنجي پيداوار ڄاڻائي عالمي منڊي ۾ مهنگي اگه تي وڪرو ڪندو آهي. سعودي عرب ان عمل کي روڪڻ لاءِ جيئن ايران جو تيل نه کپي روس کي صلاح ڏني ته روزانو نڪرندڙ تيل جو هجم گهٽائي مارڪيٽ ۾ تيل گهٽ آڻجي جيئن تيل جون قيمتون وڌڻ يا مستحڪم رهن روس ان ڳالھ کان انڪار ڪيو ته سعودي عرب روس سان ضد ۾ اچي تيل جي پيداوار تمام گهڻي وڌائي ڇڏي جيئن ته روس ۾ تيل آمدني جي ڊي پي.. يعني آمدني جو انحصار تيل تي گهٽ آهي ان ڪري سعودي عرب جي مقابلي ۾ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيل آڻي ڇڏيو نتيجي ۾ ضرورت کان وڌيڪ تيل مارڪيٽ ۾ اچي وڃڻ سان تيل جون قيمتون تيزي سان هيٺ اچڻ شروع ٿي ويون 64 ڊالر في بيرل وڪرو ٿيندڙ تيل 34 ڊالر في بيرل تي اچي ويو. جن آمريڪن ڪمپنين جا وڏا ماهانه معاهدا ڪيل هيا انهن کي کربن جو نقصان پهتو اهو بحران اڃان مارڪيٽ ۾ موجود هو ته وري 34 ڊالر بيرل تي نوان معاهدا ڪيا ويا اچانڪ جنوري کان ڪرونا وائرس جي وبا اچڻ سان سڄي دنيا جو ڪار وهنوار ٺپ ٿي وڃڻ سان تيل جي پيداوار ته جاري رهي پر کاپي جي مارڪيٽ وڃي پندرهن سيڪڙو بچي ۽ دنيا کي ان بحران مان نڪرڻ جو ڪو ويجهر ۾ حل به نظر نٿو اچي. مهيني جي 19 تاريخ تيل جي کليل مارڪيٽ ۾ سودن جي تاريخ هوندي آهي ۽ وافر مقدار ۾ تيل ته موجود آهي پر دنيا بند آهي ان ڪري کپت ناهي جن ننڍين ڪمپنين ۽ ملڪن وڏين ڪمپنين کان تيل خريد ڪيو هو اهي ڪمپنيون پنهنجي ڪيل سودن جي ڏنل رقمن تان هٿ کڻي ويون ۽ تيل کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ننڍيون ڪمپنيون ته بلڪل ڏيوالي ۾ ھليون ويون وري انهن جو گهڻو تڻو انحصار بينڪ قرضن تي هوندو آهي ان سبب بينڪ سسٽم متاثر ٿيڻ ڏانهن پيو وڌي جيڪا رقم سودا ختم ٿيڻ سبب ننڍين ڪمپنين ۽ ملڪن کان وڏي ڪمپنين کي حاصل ٿي سگهي آهي ان جو هجم وڏين ڪمپنين جي ڪيل سودن جو ڏه سيڪڙو به ناهي ان ڪري نقصان جو نوي سيڪڙو وڏين ڪمپنين طرف هليو ويو آهي جن جو به گهڻو تڻو انحصار مالياتي ادارن سان جڙيل آهي جنهن سان هي بحران گهڻ رخو ٿي ويو آهي ٻئي طرف تيل جي ذخيري جي گنجائش نه هجڻ سبب تيل جهازن ۾ پيل آهي مقرر تاريخ تائين نه لاهڻ جي صورت ۾ قانون مطابق روزانو جي بنياد تي جهاز جو ڪرايو ادا ڪرڻو پوندو.
جيڪي ملڪ تيل وڪرو ڪندڙ آهن ان جي آمدني وارو عنصر نقصان ۾ ڪيئن داخل ٿيو آهي اچو ته ان کي سولو ڪري سمجهون. اسان وٽ هڪ ايڪڙ زمين مان هڪ ٽرڪ بصر جي لهندي آهي جنهن جي زمين مان ڪڍائي ڀرائي بوري ۽ لاهور جي مارڪيٽ تائين پهچائڻ واري ڪرائي سميت خرچ آهي سٺ هزار ۽ لاهور جي بصر مارڪيٽ ڪرڻ سبب بصر جي ٽرڪ کپي ٿي پنجاھ هزار ۾ يعني آمدني ۾ ڏھ هراز جو نقصان اهڙي نموني تيل جي هڪ بيرل کي مارڪيٽ تائين ڪڍي پهچائڻ تي خرچ آهي في بيرل پندرهن ڊالر ۽ کپي ٿو ان خرچ کان به گهٽ. اهڙي صورتحال ۾ جيئن اسين بصر بني ۾ ڀيلائيندا آھيون تيئن تيل جي پيداوار کي به نين حالتن تائين بند ڪرڻو پوندو. سعودي عرب جهڙو ملڪ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جنهن جي بجيٽ جو ستر سيڪڙو تيل ۽ باقي ٽيھ سيڪڙو حج. عمرو ۽ ٻين مدن مان اچي ٿو خير سان ٽئي ذريعا فلحال بند ٿي ويا. اهڙي حال ايران. قطر. وينزويلا برازيل وغيره جو به آهي. چيو وڃي ٿو ته سعودي عرب جون رياستي بچتون ڪو اٺ هزار ارب ڊالر تائين آهن. جڏهن ته سندس ساليانو بجيٽ جو هجم ساڍا چار هزار ارب ڊالر آهي يعني وٽس زندھ رهڻ لاءِ ڏيڍ سال جو راشن آهي ان صورتحال ۾ هو زندھ رهڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿو عالمي حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون اهو سڄو انحصار ايندڙ حالتن تي آهي اهڙي ڪيفيت پيدا ٿيندي پهريان ته پاڪستان جي عالم سڳورن سندس پويان هلڻ کان انڪار ڪيو آهي اهڙي صورتحال کي هاڻي آمريڪا بادشاهه جي سياسي صورتحال سان ڀيٽ ڪري سگهو ٿا پر ٻي ڳالھ ياد رکو ته آمريڪا جي بچتن جو هجم ۽ ناڻي جي پکيڙ ۽ آمدني جا ذريعا وسيع ۽ گهڻ رخي آمدني تي آهن ۽ سعودي عرب جي پيٽ ۾ لکين دفعا وڌيڪ آهن ۽ سندس معيشيت وڏا شاڪس برداشت ڪرڻ جي قوت رکي ٿي ڏسڻو اهو آهي ته بحران ڪيتري شدت ۽ وقت وٺي ٿو.
هڪ ٻيو سوال جيڪو اڄ فيس بڪ تي جام هليو آهي ته پاڪستان کي هاڻي تيل پاڪستاني هڪ رپيو کان به گهٽ پوندو ان ڪري تيل ان اگه تي هجي. پاڪستان ٻن طريقن سان تيل وٺي ٿو هڪ ملڪي پيداوار جيڪا تمام تر عالمي ڪمپنين سان ٿيل معاهدن تحت جنهن ۾ پهريون اپر هينڊ آمريڪا. پوءِ برطانيا جو هيو هاڻي وڌيڪ چين جو آهي. مون کي خبر ناهي ته انهن معاهدن تحت کيس هڪ بيرل ڪيتري ملي ٿو پر اهو گهٽ ۾ گهٽ انهن ڪمپنين کان کيس ويھ کان ٽيھ روپيا ليٽر تائين پوندو هوندو. ٻيو ذريعو آهي تيل وڪرو ڪندڙ ملڪن کان سڌن سودن ذريعي ڇاڪاڻ ته پاڪستان کليل مارڪيٽ بجاءِ تيل سڌن سودن سان وٺندو آهي. جتي هن وقت قيمت 24 ڊالر في بيرل قيمت آهي ۽ ان تي ٽي ڏينهن اڳ ڇھ ڊالر بيرل ۽ ڪلھ کان نو ڊالر اگهن ۾ رعايت يا سب سيڊي پڻ ڏني پئي وڃي اهڙي نموني پاڪستان کي هيئر سورهن ڊالر في بيرل تيل اتان پوندو. پر گذريل هڪ مهيني کان ڪرونا وائرس بحران سبب پاڪستان ٻاھران تيل وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جون ضرورتون هتان پوريون ٿين پيون. ان صورتحال ۾ اسين اڄ موجود آهيون هڪ اهم ڳالھ جنهن تي ڪڏهن تفصيل سان لکبو ته آمريڪا جو الاسڪا وارو خطو جيڪو سڄو برفاني خطو آهي ۽ معدني وسيلن سان مالا مال اهو خطو ڪنهن وقت بي وقوفي ڪندي روس کيس پيسا وٺي وڪرو ڪري ڏنو سدائين لاءِ جيئن پاڪستان پنهنجا درياھ انڊيا کي وڪيا هيا. آمريڪا هاڻي ان الاسڪا واري علائقي کي کولي پيو جتان چون ٿا ته آمريڪا کي پنهنجي انرجي جي کاپي جي ضرورتن کان وڌيڪ انرجي ۽ ٻي معدنيات ملڻ جي اميد آهي جنهن سان اڳتي هلي شايد تيل جي ايڏي وڏي اهميت آمريڪا وٽ نه رهي ۽ حالتن جي رڳ تي هٿ رکندڙ طبيب چون ٿا ته ايندڙ دور ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي وڻج واپار وارا لنگھ دنيا جي معيشت ۽ سياست ۾ وڏا اهم هوندا ان ڪري سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجا سمنڊ ۽ سامونڊي لنگھ محفوظ ڪرڻ لاءِ هر وقت جاڳڻو ۽ جستجو ۾ رهڻ گهرجي…
هوت خان گاڏهي

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …