اڃ وگھي ڪاڇي واسڻ مسمات سبحان پنھنجي معصوم 3 سالا پٽ واجد سميت فوت

ڪاڇي مان ھٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ ڪاڇي جي ڳوٺ ٻوري واسڻ مسمات سبحان خاتون زال الا بخش چانڊيو ۽ معصوم 3 سالا واجد پٽ الابخش چانڊيو طور ٿي وئي، سندس سڃاڻپ مڙس الابخش چانڊيو واقعي واري هنڌ پهچي ڪئي.
ٻڌايو پيو وڃي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ ٻوري سالاري ڀرسان مائٽن ڏي ويل 35 سالا سبحانه ۽ سندس 3 سالا ٻالڪ واجد چانڊيو واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته تيز طوفان سبب رستو ڀلجي ويا ساڻن گڏ جيڪو پاڻي ھيو اھو به کٽي ويو ڪو به ڳوٺ ويجهو نه هجڻ ڪري اڃ وگھي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا مائٽن طرفان ڳولها کان پوء رات دير سان لاش هٿ ڪيا ويا جڏهن ته شاهڌگودڙيو پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي آخري اطلاعن تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آھي ياد رھي

وڌيڪ پڙھو

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي تهملڪ جي حڪمرانن جي …