اپوزيشن سينٽ چيئرمين جي لاءِ گڏيل اميدوار طور حاصل بزنجو کي نامزد ڪري ڇڏيو

اپويشن جي رهبر ڪميٽي نيشنل پارٽي جي صدر حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اُميدوار نامزد ڪري ڇڏيو. رهبر ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران ڪنوينر اڪرم خان دُراني اپوزيشن جي متفقه اُميدوار طور حاصل بزنجو جي نالي جو اعلان ڪيو. رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته رڪيوزيشن جمع ٿيڻ کانپوءِ سينٽ جو اجلاس 14 ڏينهن اندر گهرائڻ لازمي آهي، ڪنهن کي به آئين ۽ جمهوريت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اپوزيشن پارٽيز حاصل بزنجو کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ٻين جماعتن کان ووٽ گهرينديون، جڏهن ته رهبر ڪميٽي جي ميمبرز جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار وٽ نمبر پورا نه ٿي رهيا آهن. پريس ڪانفرنس دوران شاهد خاقان عباسي، نيئر بخاري، ميان افتخار ۽ ٻيا ميمبرز موجود هئا، جڏهن ته ميمبرز صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ کانسواءِ پريس ڪانفرنس ختم ڪري هليا ويا.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …