اين سي او سي اجلاس: شادي تقريبن تي پنجين اپريل کان مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اين سي او سي اجلاس: شادي تقريبن تي پنجين اپريل کان مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ۾ منعقد اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا جي سڄي ملڪ ۾ تيزي سان پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. 

وبا تي قابو ڪرڻ لاءِ 5 اپريل کان شادي جي تقريبن تي ان ڊوز ۽ آئوٽ ڊور مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪورونا وبا جي ٽئين لهر سبب سڀني کان وڌيڪ پکيڙ وارن علائقن ۾ 29 مارچ کان لاڪ ڊائون جڏهن ته 5 اپريل کان سڄي ملڪ ۾ شادي جي انڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

رپورٽ موجب وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي حڪمت عملي به طئي ڪئي وئي. ٻئي طرف ڪورونا جي صورتحال روزاني خراب ٿيڻ سبب پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ لاڪ ڊائون جو اشارو ڏنو.

لاهور جي وڌيڪ 27 ۽ فيصل آباد جي 19 علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي اختيارين ايڪشن ورتو. ماسڪ نه پائڻ تي لاهور ۾ پهريون ڪيس داخل ڪيو ويو.

اسلام پوره، ڪريم پارڪ ۽ شاد باغ مان 30 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بنا ماسڪ سواريون  ويهاريندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ خلاف به ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر سبب لاڳيتو فوتگيون  جاري آهن.

وڌيڪ پڙھو

اسلام آباد هائي ڪورٽ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت يوسف رضا گيلاني جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هائي ڪورٽ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت يوسف رضا گيلاني جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هائي ڪورٽ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت يوسف رضا گيلاني جي درخواست ٻڌڻ …