اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب محمد بخش مهر ڪامياب ٿي وي

اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب محمد بخش مهر ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اُميدوار احمد علي مهر هارائي ويو آهي. اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ لاءِ گذريل ڏينهن ٿيل پولنگ جا نتيجا اليڪشن ڪميشن کي ملي ويا. فارم 47 جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کي مليل نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو اُميدوار محمد بخش مهر 89 هزار 359 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اُميدوار احمد علي مهر 70 هزار 848 ووٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليل نتيجن موجب قومي اسيمبلي جي تڪ جي 290 پولنگ اسٽيشنز تي 3 لک 60 هزار 875 رجسٽرڊ ووٽرز مان هڪ لک 73 هزار 953 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، جڏهن ته 2 لک 4 هزار 980 مرد ووٽرز مان هڪ لک 4 هزار 411 مرد ووٽرز ووٽ ڪاسٽ ڪيا، جڏهن ته هڪ لک 55 هزار 895 عورت ووٽرز مان رڳو 69 هزار 542 عورت ووٽرز پولنگ اسٽيشنز تائين وڃي ووٽ جو حق استعمال ڪيو آهي.گهوٽڪي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليل فارم 47 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي طور تي ڪاسٽ ٿيل ووٽن جو تعداد هڪ لک 67 هزار 921 آهي، جِن مان ڳڻپ دوران 6 هزار 32 ووٽن کي خارج ڪيو ويو. وفاقي وزير علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 205 تي ننڍي چونڊ دوران ٽرن آئوٽ 48 ڏهائي 20 سيڪڙو رهيو.

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …