ايشا جي عظيم ڏاھي رسول بخش پليجو جي پھرين ورسي مڪلي تي عوامي رابطا تحريڪ پاران ملھائي وئي-ورسي کي ڊاڪٽرقادرمگسي سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن جوخطاب

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي مڪلي تي عوامي رابطا تحريڪ پاران عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو پھرين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ تاريخ ۾ رسول بخش پليجو ھڪ دفعو پيدا ٿيو ھاڻي وري اھڙي انيڪ صلاحيتون رکندڙ شخص شايد صدين کانپوءِ پيدا ٿئي. رسول بخش پليجو سنڌ جي قومي حقن جي لاءِ جيڪا جدوجھد ڪئي اھا کيس تاريخ ۾ ھميشہ زندھ رکندي. سنڌ ھن وقت انتھائي ڏکي صورتحال مان گذري رھي آھي. سنڌ سان ھن وقت ڪوبہ اتحادي ناھي اھا اڪيلي بيٺل آھي. سنڌ جي سرحدن جي چوطرف بگھڙ بيٺل آھن. ملڪي طوري عالمي ھچائڻ جي ھن وقت ڪراچي تي نظر آھي. عمران خان ھڪ عيرسياسي غيرنظرياتي ماڻھو آھي جنھن نہ قومن جي تاريخ تھذيب جي ڄاڻ آھي نہ وري ھن کي خبر آھي تہ قومون ڪيئن جڙنديون آھن ڪئين ٺھنديون آھن. بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ آصف زرداري سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ رھيو آھي. مرڪز کان صوبن تائين سندن حڪومتون رھيون آھن. پر سنڌ جي صورتحال اسان جي اڳيان آھي. بک بدحالي بيمارين سبب ماڻھو ويچارا پريشان بي وس بڻيل آھن. انھي سڄي صورتحال جو ذميوار آصف زرداري آھي. مون کي خبر ناھي پر ھڪ اھا ٿيوري ھلي رھي آھي تہ ايم ڪيو ايم ۽ آصف گڏجي سنڌ کي ٽوڙڻ چاھين پر اسين واضع ڪريون ٿا تہ اسان ڪنھن بہ اھڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين جنھن ۾ سنڌ جو ھڪ انچ بہ سنڌين کان ڪو کسي. ھي سنڌ اسان جي ابن ڏاڏن کان جنھن شڪل ۾ اسان کي ملي ان ئي شڪل ۾ اسان قائم دائم رکنداسين- ان موقعي مرڪزي اڳواڻ نصرت حسين چنا، سرواڻ مگسي، ناٿو بروھي، راجو قريشي ، علي محمد مالھيو، عمر ناھيو ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا جڏھن تہ ورسي جي تقريب کي عوامي رابطا تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن غلام سرور پليجو وڪيل ،امجد پليجو، تنزيلا خاصخيلي وڪيل، سول سوسائٽي جي اڳواڻ وڪيل سرويچ عباسي صاحب ۽ آفتاب کوهارو  ۽ٻين پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

Philippine Mail Order Brides: Find a Filipino Spouse

Content material Get Into A Filipina Snail mail Order Woman One Hundred And One She …