ايس ٽي پي 17 اپريل تي قومي سنڌ ڪانفرنس سڏائي ورتي

ايس ٽي پي 17 اپريل تي  قومي سنڌ ڪانفرنس سڏائي ورتي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پاران پ پ پ ۽ نواز ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن کي سنڌ جي وحدت وار قرار ڏيندي 17 اپريل تي حيدرآباد ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران جوڙيل سنڌ قومي ڪانفرنس تياري ڪميٽي جو اجلاس ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ حيدرملاح، ڊاڪٽرسومار مڱريو،عاشق سولنگي، قادر چنا ، امتياز سمون ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ شريڪ ٿيا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته پ پ پ ۽ ن ليگ اقتدار جي حاصلات لاءِ سنڌ جو سودو ڪري رهيون آهن هنن لکت ۾ ايم ڪيو ايم سان معاهدا ڪيا آهن جن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. هن چيو ته خالد مقبول صديقي جهڙا  سنڌ جي وحدت خلاف بڪواس ڪن پيا انهن کي نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ڪنهن قراداد يا ڪنهن آرڊينس جي ذريعي ناهي وجود ۾ آئي پر هي هزارين سالن کان سنڌي قوم جو مادر وطن آهي. ان جي وحدت کي ٽوڙڻ جو تصور به نه ڪن. سنڌي قوم کي پنهنجي مادر وطن جو تحفظ ڪرڻ اچي ٿو ماضي ۾ به سنڌ تي ڪئين وار ٿيا آهن سنڌي قوم انهن جو مقابلو ڪيو آهي هاڻي به مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو اسان هن سنڌ دشمن معاهدي خلاف سڄي سنڌ کي هڪ آواز ڪرڻ جي لاءِ سنڌ قومي ڪانفرنس گهرائي رهيا آهيون جنهن ۾ سنڌ جي مختلف قومپرست، وطن دوست ۽ سنڌ دوست ڌرين، اديبن، صحافين، دانشورن ۽ ليکڪن کي دعوت ڏني ويندي. ۽ سنڌ قومي ڪانفرنس  سڄي سنڌ جو گڏيل آواز قومي آواز ثابت ٿيندي ۽ انهن سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. 

وڌيڪ پڙھو

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ پاڪستان جي سمورن مسئلن جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.