ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي ملاقات

ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي ملاقات

ترقي پسند ھائوس تي ايس ٽي پي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي گڏيل پريس ڪانفرنس.
ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان کي پارلياماني بنيادن تي ئي ڪاميابي سان ھلائي سگهجي ٿو.
صدارتي نظام, مارشالائون ۽ وفاقي نظام 70 سالن جي اڌ عرصي نتيجو پاڪستان ترقي ڪئي يا بربادي جي پهچي ويو پاڪستان ۾ پارليامينٽ جي بالادستي کي ھر صورت ۾ قبول ڪيو وڃي آئين جي حڪمراني کپي.
پيپلزپارٽي پاران 18 ترميم بابت خدشا جيڪي ڏيکاريا ويا پي ڪاله شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سينٽ ۾ اڪثريت ملي ته 18 ترميم ختم ڪنداسين. اسان ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين.
اين ايف سي ايوارڊ تحت ھر پنجن سالن کانپوء صوبن جو حصو وڌايو ويندو جيڪو نٿو وڌايو وڃي.
ااسانجي ٻيٽن ي قبضي جي ڪوشش ماروائي آئين آھي اسيمبلي ۾ قانون سازي نٿا ڪري سگهو انڪري پيڊا Peda ٺاھي سنڌ بلوچستان اسيمبلي ان خلاف قرارداد پاس ڪئي پي ڊي ايم ان ڪاري قانون کي رد ڪيو آھي عوام ڪيترائي جلسا ريليون مظاھرا ڪري چڪو آھي ان باوجود صدر وزيراعظم گورنر انويسمينٽ ڪمپنين سان ڳالهائين ٿا سفيرن سان ڳالهائين ٿا ته انويسمينٽ اچي اسين چئون ٿا ته ھي سڀ آئين جي خلاف ورزي ڪن پيا ان ڏينهن کان ڊڄو جڏھن توھان تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو .
پاڻي جو مسئلو درياء سنڌ جو پاڻي اسانجو آھي سنڌ زرعي صوبو آھي اسان جي بنيادي معشيٿ آھي ان جي حوالي سان درياءتي ڪو به ڪٽ منظور نه آھي 1991 جي ٺاھ تحت سنڌ جو پاڻي ڏنو وڃي.
انهن سمورن مسئلن تي نثار کهڙو سان ڳاله ٻوله ٿي آھي متفق آھيون گڏيل جدوجهد لاء .
اضافي طور تي نثار کهڙو کي بحيثيت صدر پيپلزپارٽي جي گذارش آھي ته جيڪي آئيني قانوني معاملا آھن حڪومت جا ھڪ طرف جيڪي انتظامي معاملا آھن اسپتال ۾ دوا ڪونهي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڪونهي اسڪولن ۾ تعليم ڪونهي سنڌي لازمي اسڪولن ۾ پڙھائي وڃي جيڪا پرائيويٽ اسڪولن ۾ نٿي پڙھائي وڃي.
شراب مين پڙي گٽڪن کي اسانجي نسلن ۾ مبتلا ڪيو ويو اھيو وزير اعلا نه نثار کهڙو صدر جي حيثيت ۾ ڪارڪنن کي سرگرم ڪري شھرن گهٽين ۾ جيڪي مرڪز آھن انهن کي ختم ڪرائي اھيو سنڌ لاء بهتر ٿيندو.
ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي, قادر چنا, محمد علي ابڙو, عاشق سولنگي, خدابخش درس, نصرت حسين چن ۽ گوتم چنا موجود ھئا

وڌيڪ پڙھو

بلاول ڪالوني واقعي خلاف بلاول ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

بلاول ڪالوني واقعي خلاف بلاول ڪالوني ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪورنگي طرفان ڪورنگي بلال ڪالوني م افغاني دهشتگردن جي گرفتاري لاى …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *