ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگره جون سڄي سنڌ ۾ تقريبون

سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي ۵۷ سالگره مرڪزي اڳواڻ شبير مگسي جي وفات سبب سڄي سنڌ۾ سادگي سان ملهائي وئي حيدرآباد ضلعي طرفان ملھايل تقريب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سندس فيملي ۽ مرڪزي اڳواڻن سان گڏجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو جنھن م سول سوسائٽي ادبي سياسي سماجي حلقن ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ڊاڪٽر قادر مگسي کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته مان سمورن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون سان محبت جي اظهار طور سڄي سنڌ ۾ اڄ منھنجي سالگره جون تقريبون منعقد ڪيون اھن اسان جي وچم رشتي جو مضبوط ۽ واحد ڳانڍاپو سنڌ آھي ۽ اسين سمورا سنڌ جا سپاھي آھيون سنڌ جي عزت آجپي ۽ خوشحالي لاء جاکوڙي رهيا آهيو اسان جو ھڪ ھڪ پل سنڌ جي مقصدن لاءِ وقف ٿيل آهي ۽ انشاءالله جلد سنڌ پنھنجي نجات جي منزل تي رسندي ھن چيو تہ ملڪ ھيئنر گھڻ طرفن عالمي علاقائي ۽ اندروني بحرانن جي وڙ چڙھيل آھي جنھن مان نڪرڻ جي صلاحيت موجود حڪمرانن ۾ نہ آھي حڪمرانن کي ماضي جي روايتي طريقن مان نڪري عوام جي اھنجڻ ء حقيقي مسئلن جي حل لاء عملي قدم کڻڻا پوندا ٻي صورت ۾ ھي بحران خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگھي ٿو ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ھوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر محمد سومار مڱريو، محمد علي ابڙو، عاشق سولنگي، سچل گوپانگ، بابو شيدي ۽ ناري تحريڪ جي عھديدار پڻ موجود ھئا.
جڏھن تہ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ۵۷ سالگره جون تقريبون سمورن ضلعن م ملھايون ويون

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …