ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي گھوٽڪي پھچي ھندو ڪميونٽي سان ملاقاتون ڪيون ۽ واقعي جي مذمت

ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب گھوٽڪي ۾ مندر ۾ هندو برادري سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان سنڌ جا مالڪ آهيو، اوهان کي رهزنن، بگهڙن سان مقابلو ڪري سنڌ جي مالڪي ڪرڻي آهي.
اوهان سنڌ ڇڏڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران، سنڌ کي پنهنجو ڪرڻ جي ڳالهه ڪريو.
ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب چيو ته اوهان گهوٽڪي ۾ ويهه هزار هندو رهو ٿا پر اوهان ڪڏهن به سنڌ جي حق ۾ ووٽ ناهي ڏنو.
سدائين جاگيردارن ۽ سردارن کي ووٽ ڏنو، جنهن ڪري سياسي مداري اوهان جا اڳواڻ ٿي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب چيو ته اوهان مان هرهڪ کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سنڌ ۽ قوم پرست سياست جي نالي ڪرڻو آهي. ان سان ئي اوھان جي ڪٽنبن توڙي مذهب کي تحفظ ملي سگهندو.
ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب چيو ته اوهان سڀ چئو ٿا ته گهوٽڪي جي مندر تي حملي ۾ اڳوڻو ايم ڪيو ايم جو تربيت يافته دهشتگرد ملوث آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف هئي ۽ پوليس ان کي ڏسي اکيون بند ڪري ڇڏيون. اوهان کي سمجهڻ گهرجي ته وطن جا ويري ڪيئن سنڌ ۾ قتل ۽ گارتگري چاهين ٿا.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان سڀ سنڌ جا پٽ آهيون. اوهان هروقت سنڌ ڇڏڻ جي ڳالهه ڪريو ٿا، اسان مسلمان 1947 کان لساني، دهشت گردي جي ور چڙهيل آهيون ڇا اسان کي به سنڌ مان لڏڻ گهرجي يا سنڌ جي تاريخي مالڪي لاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر قادر مگسي مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي واقعي تي عدالت ڪميشن جوڙي وڃي.
هن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۽ مندر تي حملو ڪندڙن کي ڦورن گرفتار ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙھو

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي دوران گرفتار ٿيلن جي ضمانت منظور

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي دوران گرفتار ٿيلن جي ضمانت منظور

حيدرآباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت قومپرست پارٽيز سان واسطو رکندڙ 87 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن …