ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي سان سندس وڏي فرزند جي وفات تي تعريتن جو سلسلو جاري

،مگسي ھائوس قاسم آباد تي سيد جلال شاھ،مولابخش چانڊيو، غلام نبي مغل، عبدالمجيد نظاماڻي ،نياز ڪالاڻي واحد سومرو،ڊاڪٽر رجب ميمڻ،پنھل ساريو ،وسند ٿري ۽ٻين تعزيتون ڪيون

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان سندس وڏي فرزند مرحوم سارنگ مگسي جي وفات تي سندس اسٽيف لائيف ڪالوني واري رهائشگاهه تي اچي سنڌ جي مختلف شخصيتن تعزيتون ڪيون آهن. جنهن ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ايڊووڪيٽ محمد يوسف لغاري، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، فاروق سومرو، وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، مهيش ڪار، ستار وسطڙو، غلام قادر چانڊيو، ڊاڪٽر همايون قاضي، پنهل ساريو، غلام مصطفيٰ بلوچ، گل حسن ڪلمتي، مهيش ڪمار، نظام شيخ، لطيف شورو، منصور قادر جوڻيجو، رئوف چانڊيو، الاهي بخش بڪڪ، فيض کوسو، خالد چانڊيو، اقبال ملاح، عتيق ملاح، وڏيرو خداڏنو ڏيٿو، فتاح ڊائودپوٽو، نور احمد سنڌي ،ڊاڪٽر لياقت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آڪاش ملاح، امير آزاد پنهور، سليمان ڏاهري، شفيع محمد چانڊيو، ڄام تماچي انڙ،، وي سي مھراڻ يونيورسٽي اسلم عقيلي، فياض شاھ شيرازي، لطف علي عقيلي وي سي لمس ڊاڪٽر بيکارام، ڊاڪٽر منيرجوڻيجو، ڊاڪٽر نظر محمد جوڻيجو،سيد غلام شاھ، امداد شاھ ڄاموٽ، ذوالفقار هاليپوٽو، سليمان جي ابڙو، محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر نذير شيخ، اسلم بلوچ، ظفر هڪڙو، حفيظ ڏيرو، ميراحسان ٽالپر، پير نازڻ سائين، ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، ڊاڪٽر واحد سومرو، نذير عيسائي، امير بخش لغاري ، پروفيسر اڪبر قاضي، نواز خان زنئور ايڊووڪيٽ عبدالجبار لاشاري، ايڊووڪيٽ عبدالڪريم چانگ، اختر ترڪ، ساھ زمان شاھ، مخدوم عمار، مير شير محمد ٽلپر، مولانا تاج احمد ناھيون، اعظم جهانگير، ايڊووڪيٽ اندرجيت سميت سڄي سنڌ مان ايس ٽي پي ڪارڪنن، دوستن وڏي انگ ۾ تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي.

وڌيڪ پڙھو

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي:(ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سوئي سدرن گئس ڪمپني گرمي جي موسم ۾ به سي اين …