ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي جي فرزند سارنگ مگسي جي مڪلي قبرستان ۾ تدفين- جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن جي شرڪت-ھر اک آلي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب جي فرزند سارنگ مگسي جي جنازي نماز تدفين سندس اباڻي شهر ٺٽي جي تاريخي قبرستان مڪلي ۾ مخدوم هاشم ٺٽوي جي مقبري جي پاسي ۾ ڪئي وئي. مرحوم سارنگ مگسي جي جنازي ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي قيادت سميت سڄي سنڌ مان ڪارڪنن شهرين مختلف سياسي سماجي ادبي صحافي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن ۾ڊاڪٽر سرور خشڪ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, امير آزاد پنهور, وسند ٿري, نور احمد ڪاتيار, ڊاڪٽر رجب ميمڻ، نواز خان زئنور, آڪاش ملاح, مشڪور ڦلڪارو، اصغر باغي خليل چانڊيو حنيف لاشاري، سميع بلوچ، رسول بخش درس، ذوالفقار واهوچو، صادق ميمڻ، رياض شاھ شيرازي، استاد خانصاحب فتح علي، ڊاڪٽر واحد سومرو، گل محمد سمون، مٺا خان لاشاري، سرور پليجو سميت ٻيا شامل هئا. واضع رهي ته سارنگ مگسي گذريل رات بيماري سبب وفات ڪري ويو سندس تڏو اسٽيف لائيف ڪالوني مگسي هائوس تي وڃايو ويو آهي جتي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

وڌيڪ پڙھو

Philippine Mail Order Brides: Find a Filipino Spouse

Content material Get Into A Filipina Snail mail Order Woman One Hundred And One She …