ايس ٽي پي پاران 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ اي پي سي ۽ 13ٗس سيپٽمبر تي ڪراچي سنڌ بچايو ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي ترقي پسند ھائوس تي پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس کانپو پريس ڪانفرنس خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾  ملڪ جي موجودھ سياسي صورتحال تي غور فڪر ڪيو ويو جنھن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو تہ وفاق جي سنڌ خلاف ٿيندڙن سازشن، ڪراچي تي قبضي ڪرڻ وارين ڪوششن جي خلاف 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ويندي، جنھن  ۾ ملڪ جو مختلف وفاقي ۽ سنڌ جون قومپرست پارٽيون شرڪت ڪنديون ھن چيو تہ ھن وقت سنڌ انتھائي مشڪل صورتحال ۾ گذري رھي آھي جنھن جي ڪري سنڌ جي ماڻھن کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آھي ، ھن چيو تہ اسان ھن ملڪ کي مظبوط ۽ مستحڪم ڏسڻ چاھيون ٿا اھو ان صورت ۾ ٿي سگھي ٿو جڏھن ننڍن صوبن مان احساس محرومي ختم ڪئي ويندي. ھن چيو عدالتن کي سياست ۾ نہ گھليو وڃي. ملڪ جي ادارن کي ملڪ جي آئين۽ قانون تحت ڪم ڪرڻ گھرجي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي وڌيڪ چيو تہ 22 آگسٽ تي آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ 13 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ سنڌ بچايو ڪانفرنس سڏائي ويندي ان کانپوءِ 15 سيپٽمبر کان سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا عوامي رابط مھم ھلائي ويندي سنڌ جي ھر ھڪ شھر گلي ۾ وڇي عوام کي سجاڳ ڪيو ويندو. ھن عمران سرڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو تہ ان کي سياست جي ڪابہ خبر ناھي نہ ئي ملڪ جي تاريخ جي خبر آھي ھي ھڪ سال کانپوءِ ملڪ جي سياست مان گم ھوندو. ھن چيو تہ الطاف حسين ٻاھرين ملڪن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيو آھي ھو ڪڌھن بہ سنڌ دوست نٿو ٿي سگھي. ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سموري مرڪزي قيادت موجود ھئي

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …