ايس ٽي پي پاران يوم مادر وطن جو شاندر جلسو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو

ايس ٽي پي پاران يوم مادر وطن جو شاندر جلسو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو

حيدرآباد سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته هن وقت وفاقي حڪومت طرفان نئون حملو آدمشماري ڪرائڻ جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي، اهڙي نموني سان آدمشماري ڪئي  ويندي ته جيڪو ماڻهو جتي هوندو اهو اتي ڳڻيو ويندو، وانا، وزيرستان، افغانسنان ۽ ٻين علائقن جا لکين ڌاريا سنڌ ۾ موڪلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش پراڻي آهي، ان صورتحال ۾ اهڙي تڪراري ۽ سنڌ دشمن آدمشماري کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ۽ آدمشماري کي رد ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 30 هين يوم مادر وطن جي موقعي تي حيدرآباد باءِ پاس تي جلسي عام منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ سڄي سنڌ مان ترقي پسند پارٽي جي هزارين ڪارڪنن سميت عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڻ اڃا ساڳي صورتحال ۾ بيٺا آهيون، سنڌ ۾ تبديلي اچي پئي، پر اها تبديلي جونءَ جي رفتار سان اچي پئي، پر اسان جي مٿان حملو ڪندڙ قوتون راڪيٽ جي رفتار ۾ اچي رهيون آهن، ان ڪري اسان کي به اوتري تيزي، تحرڪ ۽ سنجيدگي جي ضرورت آهي، پنهنجي وڏن جي ڇڏيل وطن کي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين باوقار ۽ شاندار وطن منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڳالهين کان هٽي ڪري نئين نسل کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ماني جو ڳڀو کسيو ويو آهي، سوچن تي پهرا آهن، اسان جي ڌرتي اسان جي پيرن هيٺيان اهڙي طريقي سان سرڪايو پيو وڃي جو جڏهن خبر پئي ٿي ته رڙيون نڪري وڃن ٿيون ته هي ڇا ٿي ويو آهي. هن چيو ته سمورا اختيار سنڌ کان کسيا ويا آهن، سنڌ ۾ سنڌي وطن جا وارث هوندي بي وطني طرف ڌڪيا پيا وڃون، اسان پنهنجي شاندار ماضي انڊس سولائيزيشن ۽ بهادرن جا قصا بيان ڪيون پيا، پر حالتون گهڻيون خراب آهن. هن چيو ته هن وقت وفاقي حڪومت طرفان نئون حملو آدمشماري جي صورت ۾ ٿي رهيو آهي، اهڙي نموني سان آدمشماري ڪئي وڃي ته جيڪو جتي ماڻهو هوندو اهو اتي ڳڻيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سڀ کان وڌيڪ قربانيون سنڌين ڏنيون آهن، قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ جهرڪ جو رهندڙ ۽ نسلي طور تي سنڌي هو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان ۾ ڪچيل ماڻهن کي اسان پنهنجي وطن ۾ رهايو، انهن کي پنهنجو ڪيو، اسان انهن کي پنهنجون زمينون ۽ ڪاروبار ڏنو، اهي ماڻهو اڄ سنڌ جي ٻين ماڻهن کان وڌيڪ سٺي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙن کي پاڪستان جو مخالف سڏيو وڃي ٿو، پاڪستان کي سنڌي ۽ بلوچ نه پر اسلام آباد، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ويٺلن وڌيڪ نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي ورهاست ٿيڻ نه ڏيندا، جنرل ضياءَ پنهنجي دور ۾ ايم ڪيو ايم جهڙي نسل پرست جماعت تيار ڪئي، انهن کي هٿيار فراهم ڪري انهن کي اقتدار ۽ اسيمبلين تائين پهچايو، مهاجرديش ۽ سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي، پر جنرل ضياءَ هوا ۾ ٽڪرا ٿي ويو، پر سنڌ اڄ به قائم آهي. هن چيو ته مشرف، جنرل ضياءَ، نواز شريف ۽ بينظير کي به اهو شوق ٿيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهجي، پر سنڌ جي ماڻهن انهن سمورن ماڻهن جو شوق پورو ٿيڻ نه ڏنو، ڪالاباغ ڊيم نه کپي جو نعرو هڻي سنڌ جي ماڻهن ڪالاباغ ڊيم جي حمايتن کي سنڌ مان ڊوڙائي ڪڍيو  

وڌيڪ پڙھو

شهيد ڪمال راهمون جي 36 ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي

شهيد ڪمال راهمون جي 36 ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھيد ڪمال راھمون جي 36 ورسي جي موقعي تي مختلف …

Leave a Reply

Your email address will not be published.