ايس ٽي پي پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پ پ پ کي دعوت نہ ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چیئرمین ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ حڪومت پي ٽي آئي جي مرڪزي حڪومت ایم ڪیو ایم
وچ ڪراچي جي اختیارن تي جوڙیل ڪميٽي کي مڪمل طور رد ڪندي اهڙي ٺاھ کي سنڌ جي آئیني اختیارن ملیل
انڌي منڊي صوبائي خودمختیاري تي ڌاڙو قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چیو آهي ته سنڌ حڪومت کي سنڌ جي ماڻهن
جيڪو ووٽ ذریعي اختیار ڏنو آهي پ پ پ حڪومت ان جو تحفظ ڪرڻ ِ بجاء پنهنجي ملیل اختیارن کي سرینڊر ڪندي
صرف پنهنجا اقتداري مفاد بچایا آهن جنهن سان سنڌ جي مفادن کي دائمي نقصان رسندو ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي
ڪراچي سنڌ جي زندگي موت جو سوال آهي جنهن جي ڪنهن به اٽڪل یا انتظامي جبر یا ڏاڍائي وسیلي سنڌ کان کسڻ
واري عمل کي قبول نٿو ڪري سگهجي ان ڪري اهڙي عمل کي مڪمل رد ڪریون ٿا مطالبو ڪیون ٿا ته اهڙي ٿیل
ٺاھ جوڙیل ڪميٽي جا مڪمل تفصیل سنڌي قوم اڳیان ظاهر ڪیا وڃن
ڊاڪٽر قادر مگسي پارٽي اڳواڻن سان ڪیل صلاح ِ مشورن کانپوء پارٽي طرفان 22 آگسٽ 2020 تي ٿیندڙ آل پارٽیز
ڪانفرنس پ پ پ سنڌ سرڪار پي ٽي آء ایم ڪیو ایم وچم ڪراچي جي اختیارن تي جوڙیل ڪميٽي سنڌ جي
آئیني اختیارن سوڍي بازي ڪرڻ تي آل پارٽیز ڪانفرنس پیپلزپارٽي کي دعوت نہ ڏيڻ جو فیصلو ڪیو ویو آھي
جڏھن تہ ترقي پسند ھائوس حیدرآباد تي آل پارٽیز ڪانفرنس جي تیاري جي ِلاء سڏایل اجلاس 22 آگسٽ 2020 تي
ٿیندڙ آل پارٽیز ڪانفرنس متعلق غور ویچار ڪیو ویو مختلف پارٽین جي اڳواڻن سان فون تي رابطا ڪیا ویا
ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحمید میمڻ، الطاف جسڪاڻي، ھوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر سومار مڱریو،
محمد علي ابڙو، گوتم چنا، ٻیا موجود ھئا.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …