ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف سنڌ جي مختلف شھرن احتجاج

ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف سنڌ جي مختلف شھرن احتجاج

ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو کي ميان شفيق پاران قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج . سنڌ جي اديبن، ليکڪن، شاعرن، صحافي، وڪيلن، سميت مختلف مڪتبي فڪر جي ساٿين پاران ساٿ ۽ مذمت جو سلسلو جاري. اڄ به مختلف شھرن حيدرآباد ڪنڌڪوٽ ڪوٽڙي ٽنڊو محمد خان جروار لاڙڪاڻو ۾ ايس ٽي پي جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ھڪ ئي مطالبو ميان شفيق تي ڪيس داخل ڪري ترت گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ خراب حالتن جي ذميوار انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار ھوندي.

ڪوٽڙي

سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ايس ٽي پي سينئر وائيس ڇيرمين ڄام عبدالفتاح سميجو کي ملندڙ ڌمڪين خلاف المدينا چوڪ ڪوٽڙي کان پريس ڪلب ٿائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ,مظاھري کي ضلع اڳواڻن يونس اوٺو,ابراھيم کامڙيو,ارشاد پنھور,شاھد ميمڻ,لياقت جانوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ت ڄام فتاح سميجو اڪيلو نه آھي سڄي سنڌ ھن سان گڏ آھي

حيدرآباد

سنڌ ترقي پسندپارٽي ضلعي حيدرآباد طرفان ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو کي ميان شفيق سميجو طرفان موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ٽي ڪروڙ ڀتو گهرڻ خلاف صدر سچل گوپانگ ۽ ضلعي اڳواڻ بابو شيدي ـ جبار راھو وسيم گوپانگ لياقت جويو سفدر عباس سومرو ڪامريڊ عرفان بروهي شڪور مگسي شبير جوڻيجو خالد لغاري سميت ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو سچل گوپانگ ۽ ٻين چيو ته ميان شفيق ڀرچونڊي کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڄام عبدالفتاح سميجو جيڪو اسان جي پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين آھي ان کي ڪجه به ٿيو ته ان جو زميوار ميان شفيق ۽ ٻضلع گهوٽڪي جي انتظاميه هوندي

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …

Leave a Reply

Your email address will not be published.