ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ جي ساڃھ وندن جو اجلاس- ڪراچي ۾ ڪانفرنس ۽ وزيراعظم کي خط لکڻ جا فيصلا

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ترجمان پنهنجي پريس بيان ۾ ترقي پسند ھائوس تي ساڃاھوندن جي اجلاس جا تفصيل پيش ڪندي چيو آھي تھ وفاقي وزير قانون فرخ نسيم طرفان آئين جي آرٽيڪل(4)149 سنڌ ۾ لاڳو ڪري ڪراچي شھر جي انتظام کي وفاق حوالي ڪرڻ جي جيڪا سازش رٿي ويئي آھي ان کي اسين سمورا مذمت ڪندي روڪيون ٿا ۽ رد ڪيون ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف فيلڊن جي ماھرن، ساڃاھ وندن، دوستن جنھن ۾ ايڊووڪيٽ محمد يوسف لغاري، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، غلام نبي مغل، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ذوالفقار ھاليپوٽو، غلام مصطفيٰ بلوچ، منصور قادر جوڻيجو، ذوالفقار قادري، عزيز گوپانگ ايس ٽي پي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ھوت خان گاڏھي، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، محمد علي ابڙو، چاچا عاشق سولنگي، ڊاڪٽر نواز ڳاھوٽي، خدابخش درس، گوتم چنا ۽ نصرت چنه سان گفتگو ٿي گذري. جنھن ۾ اھو طئھ ٿيو تھ فرخ نسيم طرفان سنڌ تي حملو پھريون نھ آھي پر 1947ع کان وٺي ڪراچي جي سياسي ، معاشي ۽ جاگرافيائي اھميت کي مدنظر اھڙا سنڌ دشمن ھٿ ڪنڊا استعمال ٿيندا رھيا آھن تھ جيئن سنڌ جي ٻھراڙي جي علائقن کي ڪراچي کان ڌار ڪري ڪراچي تي ڌارين جو غلبو قائم ڪيو وڃي. اسان کي مستقل بنيادن تي سنڌ کي اھڙي سازش کان آزاد ڪرائڻ لاءِ سنجيدھ جدوجھد جي ضرورت آھي. جنھن ۾ سنڌ جا آئين ۽ قانون جا ماھر ۽ سياسي وڪيل دليل جي بنياد تي جنگ جوٽين ۽ سياسي پارٽيون مڪمل عوامي دٻاءُ وڌائي سنڌ جي عوام کي متحد ۽ متحرڪ رکي سنڌ کي مستقل دائمي خطرن کان بچاءُ لاءِ پنھنجو مستقل ڪردار ادا ڪن. اھو طئھ ڪيو ويو تھ وزيراعظم عمران کي سنڌي ماڻھن جي احساسن جو ترجماني ڪندڙ ۽ سنڌ جي قومي وحدت جي تحفظ لاءِ ھڪ خط روانو ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ مختلف شھري حلقن ۽ ساڃاھ وندن جي گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي ملڪي توڙي عالمي ليول تي سنڌين جي قومي حقن جي ترجماني ڪري راءِ عامھ ھموار ڪئي وڃي. جيڪڏھن 14 سيپٽمبر تي وفاقي ڪابينا طرفان فرخ نسيم جي رٿ کي رد نھ ٿو ڪيو وڃي ۽ 149 تحت ڪراچي جو انتظام وفاق حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪند تھ سنڌ ۾ ڀرپور عوامي ھلچل مظاھرا، ھڙتالون ۽ مارچن جو انتظام ڪيو ويندو . جنھن ۾ سنڌ جا ساڃاھوند سياسي پارٽين سان گڏجي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. ان دائري ڪار کي سنڌ پاڪستان ۽ عالمي ليول تي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون ۽ سوشل ميڊيا تي نوجوانن کي سرگرميون تيز ڪري سنڌ جي قومي بقاءُ ۽ دفاع لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان کان اھو مطالبو ڪيو ويو تھ ايم ڪيو ايم جي حمايتي يافتھ دھشتگرد قانون واري وزير فرخ نسيم کي فل فور ھٽائي سنڌ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. پ پ سرڪار طرفان سنڌ جي صورتحال، خراب حڪمراني، ميريٽ جي لتاڙ، شھرن جي بربادي ۽ لٽ ڦر واري رويئي جي سزا پي ٽي آءِ سرڪار سنڌي 

وڌيڪ پڙھو

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

 لاهور واقعي بعد مذهبي جماعت جي سڏ تي ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ شٽر بند …