ايس ٽي پي جي سڏ تي ڏھرڪي، ٽنڊومحمد خان ۽ ڊگهڙي ۾ مھانگائي ۽ عوام دشمن بجيٽ خلاف احتجاجي مظاھرا

سنڌ ترقي پسند پارٽي ڏهرڪي پاران مرڪز جي سڏ تي مهانگائي ۽ عوام دشمن بجٽ خلاف ترقي پسند هائوس ڏهرڪي کان پريس ڪلب ڏهرڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڏهرڪي پاران وڌندڙ مهانگائي عوام دشمن بجٽ خلاف ظلع صدر زاهد ميراڻي ڄام معشوق سميجو آفتاب خان شر گل منير شر ڄام مجيب سميجو معروف سميجو گلزار احمد شر زبير چاچڙ جنيد احمد عرفان سميجو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ترقي پسند هائوس کان ڏهرڪي پريس ڪلب ڏهرڪي تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ريلي ترقي پسند هائوس ڏهرڪي کان شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب ڏهرڪي پهتي جتي وفاقي حڪومت خلاف زوردار نعري بازي ڪئي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪمران عوام دشمن بجٽ پيش ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي اهڙي بجٽ کي سنڌ ترقي پسند پارٽي رد ڪري ٿي هتان جي عوام مهانگائي جي ڪري خودڪشيون ڪري رهي آهي ۽ پنهنجا ٻچا فروخت ڪرڻ تي مجبور آهي ايڏي مهانگائي آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جوء نه ٿي چري کاڌي پيتي ضروري واهپي جي چيزن ۾ وڌ اضافو ڪيو ويو آهي اسين حڪمرانن کان مطالبو ڪيون ٿا ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري مهانگائي ختم ڪئي وڃي سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي ٽنڊو محمد خان طرفان مرڪزي سڏ تي مهانگائي , عوام دشمن بجيٽ , پاڻي جي کوٽ ,واپڊا جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ٻين عوام دشمن اشوز خلاف مرڪزي رابطه سيڪريٽري ڊاڪٽر احمدنوناري,ضلع صدر اقبال حاجاڻو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مھانگائي ۽ عوام دشمن بجيٽ خلاف اعلانيل احتجاجن جي سلسلي ۾ ڊگھري ۾ ضلع صدر مير يونس ٽالپر جي اڳواڻي ۾ پرويز نو حاڻي تعلقي صدر ٺارو نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …