ايس ٽي پي جي سڏ تي مھانگائي خلاف ميرپورساڪرو،سنڌڙي ، سعيدآباد ۽ سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 2 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ احتجاجي مظاھرن جي سلسلي ۾ اڄ ميرپورساڪرو، سنڌڙي، سعيد آباد ،۽ سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. تفصيل موجب تعلقي ميرپور ساڪرو طرفان ٻهارا شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ضلعي نائب صدر ناٿو خان بروهي جوائنٽ سيڪريٽري علي محمد مالهيو صاحبڏنو سمون صالح ملاح خطاب ڪيو سنڌڙي ۾ ميريونس ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.سڪرنڊ ۾سڪرنڊ جي پاران احتجاجي ريلي ضلع نوابشاھ جي جوائينٽ سيڪريٽري عبدالقادر جيلاني تعلقا سڪرنڊ جي صدر ايوب کوسو جي اڳواڻي ۾ STP ھائوس سڪرنڊ کان سينيما چوڪ تائين ڪڍي وئي ريلي کي تعلقا سڪرنڊ جي جنرل سيڪريٽري شعبان مگسي حسين ڪيريو خطاب ڪيو ريلي ۾ اختر مگسي نذير شيخ سڪندر رند علي رضا ڪيريو ستار ڪيريو عباس ڪيريو گلبھار ٻگھيو اسد عمراڻي عرفان شيخ ۽ ٻين ڪارڪنن پنھنجي ساٿين سان ڀرپور شرڪت ڪئي سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقا نيو سعيداباد ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي خلاف مرڪزي اڳواڻ حاجي شبير مگسي ضلع جنرل سيڪريٽري رسول بخش سولنگي, تعلقا صدر ملهار شيدي, ستار شيدي, جن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.