ايس ٽي پي جي سياسي مزاحمت -حيدرملاح

نومبر 1991 ڄام صادق علي جيئن ئي بيمار ٿيو ته سنڌ جي وزارت اعلي ايم ڪيو ايم جي سينئر وزير طارق جاويد مهاجر جي حوالي ڪئي وئي، ياد رهي ته طارق جاويد پنهنجي نالي جي پويان “مهاجر”لفظ لکندو هو.
ھيءَ جيڪا ايس ٽي پي دعوا ڪري ٿي ته ايس ٽي پي جي ڪري ئي سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جون جاگرافيائي حدون بچيون آهن ايس ٽي پي جي ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي تاريخ جي ورقن کي جڏهن ويهي اٿلايون ٿا ته خبر پئي ٿي ته ايس ٽي پي سنڌ جي واحد قومپرست پارٽي آهي جيڪا مستقل سنڌ جي خاطر سياسي مزاحمت ۾ رهي آهي.
1991 ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد،طارق جاويد مهاجر جي حوالي سنڌ جي وزارت اعلي ڪرڻ جو مقصد هو ته سنڌ تي سنڌين جو حڪمراني وارو ڪائناتي حق کسي مهاجرن جي حوالي ڪيو وڃي.هي ٽيسٽ ڪيس طور مقرري هئي ته سنڌ کي مهاجرن جي ذهني طور حڪمراني قبول ڪرائجي. 
ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جيل مان ان مقرري جي خلاف ٽن ڏينهن جي هڙتال جو سڏ ڏنو.هن ٽن ڏينهن ۾ نه سنڌ ۾ ڦيٿو ڦريو نه دڪان جو شٽر کليو. 
2 نومبر 1991 تي ڪاوش لکي ٿي ته سڄي سنڌ بند آهي، سنڌ مان 400 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.
3 نومبر 1991 تي ڪاوش لکي ٿي ته سکر مان 360 ڪارڪن ۽ ميهڙ مان 17ڪارڪن گرفتار ٿيا آهن. بي نظير ڀٽو جو ٺٽي ۾ جلسو هجڻ ڪري بي نظير ڀٽو جي اپيل تي هڙتال ۾ نرمي ڪئي ويئي آهي.
ايس ٽي پي جا ساٿي جيل، عذاب، ڦاسي گهاٽ، ٽارچر سيلن مان ڪنڌ اڀي سان سنڌ جي لاءِ وڙهندي وڙهندي هتي پهتا آهن.
جيئن جيئن سياسي تاريخ تي پيل دز هٽائي، آئون ايس ٽي پي جي سياسي مزاحمت ڏسان ٿو ته نه صرف فخر سان منهنجو ڳاٽ اونچو ٿي وڃي ٿو پر آئون انهن سڀني ايس ٽي پي جي بهادر ساٿين کي سلام پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي مادر وطن سنڌ جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن.

وڌيڪ پڙھو

فلسطين جو مزاحمتي ڪرادر عھد تميمي

فلسطين جو مزاحمتي ڪرادر عھد تميمي

فلسطين جيڪو ڊگهي عرصي کان عدم استحڪام، ظلم ۽ بربريت جو شڪار رهندو پئي آيو …