حيدرآباد (پريس ريليز) فلسطين ۾ معصوم ٻارن، عورتن ۽ عوام جو قتل عام ۽ اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ اقوام متحدہ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي جنگ بندي ڪرائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين فلسطين جي عوام جي قتل عام ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فلسطين مٿان هن وقت جيڪو ظلم ۽ بربريت برپا آهي سنڌ جو عوام ان جي مذمت ڪندي فلسطين جي عوام سان پنهنجي همدردي جو اظهار ڪري ٿو. فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ مذهب جي بنياد تي ناهي ۽ نه ئي ان کي مذهب جو رنگ ڏنو وڃي. فلسطين جي ڌرتي فلسطين جي عوام جو دائمي وطن آهي ۽ هُنن کي پنهنجي ڌرتي جيئڻ جو حق کسڻ جارحيت آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن وقت غزا جي پٽي کي بمباري ڪري مڪمل تباھ ڪيو ويو آهي وڏي انگ ۾ روزانو انسان مري رهيا آهن. سموريون اسپتالون تباھ ڪيون ويون آهن انتهائي دردناڪ صورتحال آهي جيڪا انساني حقن ڀڃڪڙي آهي انڪري سموري دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ فلسطين مٿان برپا ڪيل هن ظلم کي بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهباز بلڊنگ کان نڪتل ريلي گل سينٽر کان ٿيندي پريس ڪلب تائين پهتي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ڪارڪن، عورتون ۽ ٻار شامل هئا جن جي هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا، پلي ڪارڊ ۽ فلسطين جا جهنڊا موجود هئا. پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جتي ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کانسواءِ گلزارسومرو، حيدر شاھاڻي ، حيدر ملاح ، قادر چنا، امتياز سمون ، ھوت خان گاڏهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
