ايراني عورت جو نوحو

شاعره :نامعلوم 
ترجمو : عيسيٰ ميمڻ

مان هڪ شادي شد عورت آهيان
مان ته هڪ عورت آهيان
هڪ ايراني عورت آهيان
رات جا اٺ ٿي رهيا آهن
هتي خيابان شمالي تي
وڃي رهي آهيان
ماني خريد ڪرڻ لاءِ 
نه مان سينگار ڪيو آهي 
نه وري منهنجا ڪپڙا پرڪشش نظر اچي رهيا آهن
مگر هتي ته سر عام 
هي ستين گاڏي آهي 
جيڪا منهنجي پويان آهي
چون ٿا ته مڙس اٿئي يا نه ؟
مون سان گڏ سير ڪريو
جيڪي به چوندينءَ توکي ملندو
هتي هڪ تندور وارو آهي
وقت ساڍا اٺ ٿيا آهن
هو ماني پچائي رهيو آهي پر خبر ناهي ته مون کي ڏسي اکيون ڇو هڻي رهيو آهي.
نان ڏيندي منهنجي هٿ سان پنهنجو هٿ گسائي رهيو آهي
هي تهران آهي
رستو پار ڪيو ته گاڏي سوار مون ڏي آيو 
گاڏي سوار مون کان منهنجي قيمت پڇي رهيو آهي
ته رات جا گهڻا وٺندئين ؟
مون کي خبر نه هئي ته رات جي قيمت ڇا ٿيندي آهي؟
هي ايران آهي
منهنجي هٿ پگهر ۾ شل آهن
مون کي لڳي ٿو ته مان نه ڳالهائي سگهندس
اڃان ته منهنجي شرمندگي ۽ خوف جو پگهر نه سڪو هو 
ته گهر پهچي ويس 
انجنيئر کي ڏٺو
هڪ شريف مرد جيڪو ٻي منزل تي 
پنهنجي زال ۽ ڌيءُ سان گڏ رهندو آهي
سلام آقائي مهندس
بيگم ڪيئن آهيو؟
اوهان جي ڌيءُ ٺيڪ آهي؟
والسلام ، توهان ٺيڪ آهيو؟
خوش آهيو؟
سچ ته اهو آهي ته اڄ رات منهنجي گهر ۾ ڪير به نه آهي 
جيڪڏهن ممڪن هجي ته هليا اچو
نيلوفر جو ڪمپيوٽر به ٺيڪ ڪري ڏيو
تمام گهڻي بڙ بڙ ڪري رهيو آهي
هيءَ منهنجي موبائل آهي 
جيترو وڻيو اوترو ڳالهائي سگهو ٿا
مان دل ۾ وسوسو ڪندي چيو ته تمام سٺو
جيڪڏهن وقت مليو ته ضرور
هي اسلام جي سرزمين آهي
هي امام ضامن ۽ امام زادن جي سرزمين آهي
هتي اسلامي قانون لاڳو ٿيل آهن
مگر هتي ته جنسي مريضن گند پکيڙي ڇڏيو آهي
نه دين ، نه مذهب نه وري قانون
۽ نه وري توهان جو نالو ئي توهان جي حفاظت ڪري سگهي ٿو
هي آهي اسلامي جمهوريه
۽ مان هڪ عورت آهيان
منهنجو مڙس چاهي ته چار عقد ڪري چاليھ عورتن سان مُتو به ڪري سگهي ٿو
مگر منهنجا کليل وار مون کي جهنم ۾ وٺي ويندا
۽ مردن جي بدن جو عطر انهن کي جنت ۾ وٺي ويندو
مون کي ڪو عدالتي تحفظ حاصل نه آهي
منهنجو مڙس مون کي طلاق ڏيئي ته باغيرت سڏجي
جيڪڏهن مان طلاق گهران ته چوندا
حدون ٽپي وئي آهي ، بي شرم ٿي وئي آهي
منهنجي ڌيءُ کي شاديءَ جي لاءِ منهنجي اجازت جي ضرورت نه آهي
مگر پيءَ جي اجازت لازمي آهي
مان ٻه ڪم ڪندي آهيان ، هو ايندو آهي ته آرام ڪندو آهي
مان ڪم تان واپس اچي وري ڪم ڪندي آهيان
۽ هن کي سڪون فراهم ڪرڻ به منهنجوئي ڪم آهي
ڇاڪاڻ ته مان عورت آهيان
مرد کي حق آهي ته اهو مون کي ڏسي
مگر جيڪڏهن غلطيءَ سان 
مرد تي منهنجي نظر پئجي وڃي ته 
مان مان آواره ۽ بدڪردار سڏجان
مان عورت آهيان
مان حدن ۾ رهڻ باوجود به عورت آهيان
ڇا منهنجي پيدائش ۾ ئي منهنجي غلطي آهي؟
يا اهو مقام ئي غلط هو جتي مان وڏي ٿيس
منهنجو جسم ، منهنجو بدن، منهنجو وجود
هڪ اعليٰ لباس واري مرد جي سوچ ۽ زبان جي چند فقرن جو محتاج آهي
پنهنجو ڪتاب تبديل ڪريان يا مردن جي سرزمين تي مردن جي سوچ 
ياڪمري جي ڪنڊ ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيان
مان نه ٿي ڄاڻان 
مان نه تي ڄاڻان ته مان دنيا جي هڪ خراب مقام تي پيدا ٿي آهيان
يا بُري وقت تي پيدا ٿي آهيان 
مان نه ٿي ڄاڻان………………

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …