اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ عوام کي اعتماد ۾ وٺنداسين. لنڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت وچ ۾ جمعي تي مشاورت جو هڪ ٻيو دور ٿيو آهي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن معاملن تي اتحادين سان مشاورت کان پوءِ ڪو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرائڻ يا هڪ سال کان پوءِ ڪرائڻ جي حڪمت عملي به اتحادي پارٽيون گڏيل طور تي طئي ڪنديون. وزيراعظم شهباز شريف کي جمعي تي ملڪ واپس اچڻو هو پر اهم سياسي معاملن تي مشاورت لاءِ هن پنهنجي قيام ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي هاڻ هو اڄ(ڇنڇر) تي ملڪ واپس روانو ٿيندو جڏهن ته ان سان گڏ ويندڙ ڪجهه وزير اڃان به وڌيڪ ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾ ترسندا.
گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، نوازشريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ اهم ملاقات ٿي هئي. شاهد خاقان عباسي ڪالهه صبح 3 وڳي ٻيهر لنڊن لاءِ روانو ٿيو هو ان کان اڳ شاهد خاقان عباسي لنڊن کان آمريڪا ويو هو پوءِ بحرين ۽ يو اي اي جي دوري کان پوءِ واپس پاڪستان آيو هو هاڻ هو ٻيهر لنڊن پهچي چڪو آهي.

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.