انٽرپول پوليس سڄي دنيا ۾ ننڍڙن ٻارن جون فحاشي فلمون ٺاهيندڙن خلاف ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي

ليون :- انٽرپول پوليس آن لائن ويب سائيٽ جي ذريعي ننڍڙن ٻارن جي جنسي واپار ۾ ملوث 9 جوابدارن کي ٿاءِ لينڊ، آسٽريليا ۽ آمريڪا مان حراست ۾ وٺي 50 ٻارن کي بچايو ويو.پرڏيهي خابرو اداري موجب پوليس جاچ جو دائرو لڳ ڀڳ 60 ملڪن تائين پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ گرفتارين جا به امڪان آهن.ٻڌايو ويو آهي ته ويب سائيٽ جا سڄي ملڪ ۾ 63 هزار رجسٽرڊ صارف آهن.پوليس موجب ويب سائيٽ تي 100 کان وڌيڪ ٻارن جو تصويرون شيئر ڪيون ويون جن جي ذريعي ٻارن جي ڳولا جاري آهي، پر 50 ٻارن کي بچايو ويو آهي.انٽرپول پوليس ٻڌايو ته ٻين ملڪن جي ايجنسين کان سواءِ آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي انويسٽي گيشن ( ايڇ ايس آءِ) جي مدد سان آن لائن ويب سائيٽ جي آءِ پي ايڊريس ڳولهي وئي جنهن تي هفتيوار نون ٻارن جون تصويرون ۽ ويڊيوز شيئر ڪيون وينديون هيون.پوليس موجب گذريل سال جي آغاز ۾ ويب سائيٽ جي مرڪزي ايڊمنسٽريٽر مونٽري سلنگام کي ٿاءِ لينڊ  ۽ ٻئي ايڊمنسٽريٽر کي آسٽريليا مان حراست ۾ ورتو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب ٿاءِ لينڊ جي عدالت ويب سائيٽ جي ايڊمنسٽريٽر مونٽري سلنگام کي گذريل جون ۾ 146 ورهين ۽ سندس شريڪ ڏوهاري عورت ٽيچر کي 36 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

وڌيڪ پڙھو

ڀارتي عدالت ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڀارتي عدالت ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

نئين دهلي: (اربع 25 مئي 2022ع) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت عمر …