اليڪشن ڪميشن اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 205 گهوٽڪي جي اُميدوارن خلاف عدالت ۾ درخواستون هلي رهيون هيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي بيلٽ پيپرز ڇاپڻ کان روڪي ڇڏيو هو، تنهن ڪري بيلٽ پيپرز جي ڇپائيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو. نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ 18 جولاءِ بدران 23 جولاءِ تي ٿيندي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اڳ ئي چيو هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 16 جولاءِ تي فيصلو ڏنو ويو ته هڪ ڏينهن ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ممڪن نه آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن طرفان ننڍي چونڊ جي حوالي سان پولنگ لاءِ نئين تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.
