الطاف جسڪاڻي جرئتن جو نالو ھو سندس خون رائيگان نہ ويندو- ڊاڪٽرقادرمگسي

الطاف جسڪاڻي جرئتن جو نالو ھو سندس خون رائيگان نہ ويندو- ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين شھيد الطاف جسڪاڻي جو چاليھو ٽنڊوالھيار ۾ ٿي گذريو چاليھي جي موقعي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ الطاف جسڪاڻي شھيد سنڌ آھي کيس سنڌ ڪڏھن نہ وساريندي. شھيد الطاف جو قتل ھڪ سياسي قتل آھي سندس خون ڪڏھن رائيگان نہ ويندو. ھن چيو تہ اسان ٽنڊوالھيار پوليس کي 10 جنوري تائين جو وقت ڏيون ٿا جيڪڏھن 10 جنوري تي شھيد جا قاتل گرفتار نہ ٿيا تہ ايس ايس پي آفيس جي اڳيان اڻ ڄاتل مدي تائين ڌرڻو ھنيو ويندو. ھن چيو تہ شھيد الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ شامل ڀولو خانزادو، اسلم رند، معشوق رند کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي جيڪڏھن ڪو ھنن جو يار دوست ھنن جو مددگار ٿيندو تہ ڀلي ٿئي اسان ان جو بہ مقابلو ڪنداسين . جلسي کي ڄام عبدالفتاح سميجو ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي نياڻي وينجهار جسڪاڻي ڀاء ذيشان جسڪاڻي سميت سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽيون مان ايس يو پي جو پير خليل جان سرهندي عوامي جمهوري پارٽي جو نور نبي راهوجو جئي سنڌ قومي پارٽي جو چيئرمين نواز خان زوئنور جئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي مزاحمت تحريڪ جو مسرور شاه قومي عوامي تحريڪ جو گلزار جماڻي جئي سنڌ قومپرست پارٽي جو دودو ديشي سميت ايڊووڪيٽ علي پله عبدالستار بچاڻي نصير مرزا گوتم چنا عرفان آريسر عبدالمالڪ دائداڻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …