اسلام ڪوٽ ۾ ھزارين مرد عورتون پورھيتن جا گھر ڊاھڻ ۽ ٿر جي مسئلن جي حل لاءِ روڊن تي نڪري آيا

 بي آئي ايف جي سڏ تي ٿر ۾ پورهيتن جا گهر ڊاهڻ ۽ ٿر جي اجتمائي مسئلن جي حل لا۽ احتجاجي ريلي ڪڍي مين با۽ پاس روڊ تي نهٽڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو,
ڌرڻو بي آء ايف جي مرڪزي صدر وڪيل آسن ڀيل, وڪيل لجپت سوراڻي, سورومل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنيو ويو,
ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڳوٺ ملهو ڀيل ۾ سوين سالن کان آباد ڀيل برادري جي گهرن کي وڏيري جي چرچ تي مسمار ڪيو ويو, ٻيلي کاتي جي زمين ڄاڻائي مسڪين ماڻھن سان ناحق ۽ ظلم ڪيو ويو آھي,
هنن چيو ته انهي ساڳي ڳوٺ ۾ گورمينٽ جي طرفان مليل اسڪول موجود آھي, سرڪاري آر او پلانٽ موجود آھي,سرڪاري کوھ ۽ بجلي به موجود آھي, جڏھن سرڪار طرفان ڳوٺاڻن کي اهي سهولتون مليون پئي تڏھن ٻيلي کاتي جا ڪرتا ڌرتا ڪٿي گم هئا,
مظاهرين چيو ته اسلام ڪوٽ تعلقي جي حد ۾ 11 هزار ٻيلي کاتي جي زمين ٻڌائي وڃي ٿي ڇا ٻي پاسي قبضا خالي ٿي ويا آھن, قانون صرف مسڪين ماڻھن تي لاڳو ڇو ٿئي ٿو, توهان جو قانون وڏيرن جي اڳيان گوڏا ڇو کوڙي ٿو,
هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو,

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …