اسلام آباد کي مفلوج بڻائيندڙ هڪ ڏينهن جو ننڍو احتجاج به برداشت نه ڪري سگهيو: مريم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن تي پوليس جي تشدد جي مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري جي پيشي جي موقعي تي پ پ پ ڪارڪنن تي پوليس جي تشدد ۽ جيالن جي شهر ۾ داخلا تي پابندي کي تنقيد جو نشانو بڻايو . مريم نواز چيو ته اسلام آباد کي چئن مهينن تائين مفلوج رکڻ وارو هڪ ڏينهن جو ننڍو احتجاج به برداشت نٿو ڪري سگهي، ڌرڻي دوران پارليامنٽ، وزيراعظم هائوس ۽ پي ٽي وي تي حملا ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته هي ڊڄي ٿو ڇو جو هي چور دروازي کان آيو آهي، ڏهن مهينن ۾ اهو حال ٿي ويو آهي ووٽ چورن جو. هن چيو تہ موجوده حڪومت مڪمل طور تي ناڪام بڻجي وئي آهي ۽ ان جو ڪوبه مستقبل ناهي.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …