
اسلام آباد هائي ڪورٽ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ بابت يوسف رضا گيلاني جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم وٽ اڪثريت موجود آهي ته اها سينيٽ چيئرمين کي هٽائي به سگهي ٿي ۽ گيلاني کي سينيٽ چيئرمين بڻائي به سگهي ٿي. سينيٽ ميمبرن جو اهو طريقو استعمال ڪرڻ سان پارليامينٽ جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو به ثابت ٿي ويندو ته انهن ستن ميمبرن توهان کي ووٽ ڏنو هو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عدالت آئين جي آرٽيڪل 69 تحت تحمل جو مظاهرو پئي ڪري، اميد آهي ته چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو وقار ۽ خودمختياري برقرار رکندا. سياسي قيادت آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ استحقاق کي استعمال ڪندي سياسي تڪرار حل ڪن.