اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وزيراعظم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وزيراعظم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وزيراعظم جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق چيو ته وزيراعظم کي ڪميشن اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي ها، هڪ ايگزيڪيوٽو اٿارٽي نوٽيس جاري ڪيو آهي، هر ڪو پنهنجي طور طئه ڪندو ته نوٽيس جاري ڪندڙ جو اختيار ناهي ته ڪم ڪيئن هلندو

عدالت چيو تھ توهان کي پيش ٿي نيڪ نيتي ظاهر ڪرڻ گهرجي ها، وزيراعظم جي وڪيل چيو ته ڪميشن کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي، عدالت چيو ته توهان جو ڪنڊڪٽ ڏسي اسٽي نٿو ڏئي سگهجي، اليڪشن ڪميشن ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيسز جاري ڪيو ويو، معذرت سان حڪومت به آرڊيننس جي فيڪٽري لڳائي رکي آهي، پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ڪم به آرڊيننس ذريعي ٿي رهيا آهن

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا تھ وزيراعظم جي وڪيل چيو ته ڪميشن اڳ ئي آرڊيننس خلاف آرڊر جاري ڪري چڪي آهي، جسٽس عامر فاروق وڪيل کان پُڇيو ته ڇا هي ڪم آرڊيننس ذريعي ٿيڻ جو هو

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.