اسلام آباد مان فريال ٽالپر گرفتار

نيب پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو. نيب جي ٽيم اسلام آباد جي ايف 8 واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر هن وقت نيب جي حراست ۾ آهي، امڪان آهي ته زرداري هائوس کي سب جيل قرار ڏئي کيس اُتي ئي رکيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر جي طبي معائني لاءِ نيب جي ٽيم اسلام آباد جي ٻن سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرز کي گهرايو ويو آهي. واضح رهي ته نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال طرفان گذريل ڏينهن فريال ٽالپر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …