اسلام آباد اپوزيشن رھبر ڪميٽي جو اجلاس ،سينٽ چيئرمين کي ھٽائڻ جو فيصلو،اجلاس کان اڳ اڳواڻن جا فون ٻاھر رکرايا ويا

اسلام آباد ۾ ڪميٽي جي پهرئين اجلاس دوران ميمبرز جا موبائيل فون ٻاهر رکيا ويا. اجلاس ۾ اڪرم دُراني کي ٻن مهينن تائين رهبر ڪميٽي جو ڪنوينر بڻايو ويو. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ واري اي پي سي جي فيصلي جي توثيق ڪئي وئي، اُن حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته 9 جولاءِ تي ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو ۽ 11 جولاءِ تي ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو. اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي اڪرم دُراني چيو ته اجلاس ۾ ملڪ اندر نئين سياسي ڍانچي جي جوڙجڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. هن چيو ته رهبر ڪميٽي راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿي ۽ وزيرستان جي گرفتار ٻن ميمبرز جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ اڪرم دُراني چيو ته اين اي 205 گهوٽڪي تي پ پ اُميدوار جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …