اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي-راڻا ثناءِالله

اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي-راڻا ثناءِالله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيهي فنڊنگ ۾ ملوث جوابدار 8 سالن کان ڀڄي رهيا آهن.

شيخ رشيد جي رد عمل ۾ بيان ڏيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عالمي بنارسي ٺڳ غير ملڪين کان غيرقانوني طور ڊالر وٺندي پڪڙجي پيا آهن.

هن چيو ته پرڏيهي فنڊن ڪيس ۾ خبر پئي آهي ته عمران نيازي جو ڪيترو گندو آهي، شهيدن خلاف مهم هلائيندڙ گندا ۽ گهٽيا ڪردار آهن.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عمران نيازي 8 پوري ڪوشش ڪئي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو نه اچي، پر الله تعاليٰ سچ ظاهر ڪري ڇڏيو، الله سائين جو ڪرم ٿيو جو جعلي صادق ۽ امين جي اصيلت قوم جي سامهون اچي وئي

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.