استادن جي عالمي ڏينهن تي گهارو ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن جي استادن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب ٿي گذري

استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان ٺٽي ۽ سجاول ضلعي ۾ هلندڙ انڊس برائيٽ فيوچر اسڪول سسٽم پاران گهارو ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو پروگرام ۾ ايس ئي ايف جي ريجنل ڊائريڪٽر فيروز منصور خواجه ضلعي آفيسر نويد ٻگهيو علي غلام خواجه غلام مرتضي جمالي صاحب سميت انڊس برائيٽ فيوچر اسڪول سسٽم جي ڊائريڪٽر امتياز سمون ۽ اسڪول پرنسپالن.استادن شاگردن والدين صحافين سماجي ڪارڪنن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئيان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته استاد هن معاشري جو اهو فرد آهي جنهن جي هٿ ۾ معاشري جو مستقبل آهي استاد جو رتبو سمورن پيشن کان مٿاهون آهي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جي اندر معياري تعليم جي لاءِ جاکوڙي رهي آهي هن وقت هڪ سئو کان مٿي شاگرد هنن اسڪولن مان اسڪالرشپ تي چونڊجي اسلام آباد ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن هنن انڊس برائيٽ فيوچر اسڪول سسٽم جي ٽيم جي ساراه ڪندي چيو ته هنن ٺٽي جي پسمانده علائقن ۾ تعليم جون ڏياٽيون ٻاري ايندڙ نسلن کي تعليم جي زيور سان سينگاري رهيا آهن. ان موقعي 233 استادن کي مڃتا جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.جڏهن ته تقريب ۾ سسٽم جي مختلف اسڪولن جي شاگردن تقريرون خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …