اسان مٿان جنگ نه مڙهيو

اسان مٿان جنگ نه مڙهيو


ڀڳو ٺوڙي جي هنج ۾ لڪي تيرٿ جي پڌر تي پهتاسين ته ان وقت ڊسمبر جي سردي جسم کي وڍ وجهي رهي هئي اتر جون تيز هوائون پاڻ سان گڏ ڄڻ سائبيريا جي برف کڻي آيون هيون لڪي جي چشمن جو پاڻي يک ٿڌو ٿي چڪو هو، رات پارو پيو هو ۽ اسان ان پاري ۾ پنڌ ڪندا جڏهن صبح جي سج نڪرڻ کان پهرين لڪي تيرٿ جي پٿريلي پڌر تي پير رکيا هئا ته ائين محسوس ٿيو اسان خود برف ٿي پهتا هئاسين. اسان کي گرمي جي سخت ضرورت هئي. اسان هاڻي ساه کڻڻ ۾ تڪيلف محسوس ڪري رهيا هئاسين. اسان کي زنده رهڻ لاءِ ترت باھ جي گرمائش گهربل هئي.
اسان پهاڙ جي دامن ۾ قائم ان معخاني جي ڪکائين ڇپر ڏانهن هليا وياسين جيڪو ڇپر هاڻي سيءَ جو سٽ جهلڻ جهڙو ئي نه رهيو هو . ڇپر جي وچ تي مچ جي جڳهه تي تازي مٽي جي ٺهيل وڏي چلهه مٿان اڇي راڳي جو ليپو ڏسي ڪجهه گهڙين لاءِ پڪ ٿي ته ڪو آهي جيڪو هن ڇپر جي ڇانوَ ۾ زندگي گذاري رهيو آهي.
اسان مچ جي ڦلهير کي ان اميد سان ڦوڪون ڏنيون ته من ڪو ڏانڊو ٻريل هجي. ڪجهه گهڙين ۾ ائين محسوس ٿيو ته ڪا چڻنگ آهي جيڪا چله ۾ اندر دکي رهي آهي. ائين محسوس ٿيو ڪو ماڻهن جو وڏو ڊنڀ هاڻي ئي هتان اٿيو آهي سامهون ٺڪر جي نادي مٿان اڌ پاڻي جو ڀريل گلاس ڏسي پڪ ٿي ته صبح جي روشنيءَ کان پهرين جيڪي روانا ٿيا هئا سي پاري سبب يک ٿيل پاڻي جو پورو گلاس به پيئي نه سگهيا هئا ۽ پاڻيءَ جو اڌ گلاس نادي مٿان ان اميد سان ڇڏي ويا هوندا ته ڪو ٻيو مسافر ايندو ته گلاس ۾ پيل پاڻي جو گرم ڍڪ ڀري جسم ۾ ست پيدا ڪري سگهندو.
معخاني جي پتر واري ڀت تي ڪنهن فقير جي گودڙي انتظار جي ڪيفيت ۾ ائين ٽنگيل هئي ڄڻ فقير ڄاڻ آيو ۽ گودڙي مان ناد ڪڍي جبلن جي وچ ۾ ناد ۾ ساه ڦوڪي وڏن آوازن جا پڙاڏا ڪري صدين کان ستل جهور پوڙهي ڀڳو ٽوڙي جبل کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو.
اسان باھ جي ڪيريءَ کي جلدي ڄر ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، مسلسل جهد سچ ته ستل روحن کي به جاڳائي وجهي ٿو. مع خاني جي ئي پويان ٻٻر جي سڪل ڪاٺين تي اسان مان ڪنهن جي نظر پئي ته ان جي چهري تي زندگي جي نئين مرڪ تري آئي هن ٻئي ڏانهن واجهائڻ بدران پاڻ ئي ڪاٺين جي ڀريَ کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي اچي چلهه جي وچ ۾ وڌو.
ائين باھ ڀڀڙ ٿي ٻرڻ لڳي ٿڌا جسم باھ جي گرمائش تي گرم گرم ساه کڻڻ لڳا ڪجهه ئي گهڙين ۾ لڪي شاهه صدر وٽان سج اڀرڻ شروع ٿيو. اهو منظر ڪيڏو نه دلڪش آهي جڏهن سنڌو درياه جي ساڄي ڪپ جي پاسي اوهان ڪنهن پهاڙ جي اوٽ ۾ هجو ڊسمبر جي سردي هجي اوهان کي سج جو ائين انتظار هجي جيئن ڪنهن عاشق کي واعدو ڪري ويل محبوب جي وقت تي نه پهچڻ کان پوءِ رستي ۾ اک کتل هجي ۽ ائين لڳندو هجي ته اجهو ڄاڻ آيو ۽ ان ڄاڻ اچڻ واري ڪيفيت ۾ اوچتو ان جو محبوب سج جيان روشن ٿي نروار ٿيئي، محسوس ڪريو ته ڊگهي انتظار کان پوءِ اهو لمحو ان عاشق جي لاءِ ڪيڏو نه حسين هوندو. بلڪل ائين ئي لڪي مٿان اڀري آيل سج ماڪ جي گهيري مان ائين نڪري آيو هو ڄڻ ان جي رستي ۾ نامعلوم ماڻهن جو گهيرو هو ۽ هو نيٺ گهيرو ٽوڙي اچي جبل جي ڀورن پٿرن سان مليو هو.
اسان باھ کي گول دائرو ڪري ائين ويٺا هئاسين جيئن ملاکڙي ۾ ٻانهين ٺاهبي آهي. وچ تي ٻٻرن جي ڪاٺين جي باھ هئي ۽ اسان جا سردي سبب سُن ٿيل هٿ هئا جيڪي باھ جي سيڪ اچڻ کان پوءِ ڄڻ جيئرا ٿيا هئا. جيئن ئي اسان جا جسم گرم ٿيا ته اسان جي وچ ۾ گفتگو جو دور شروع ٿيو.
گفتگو جي شروعات اسماعيل ڇم ڇم ڪئي، هاڻي اوهان پڇندا ته اسماعيل ڇم ڇم ڪير آهي، اسماعيل ڇم ڇم هن دور جو وڏو ڏاهو آهي مٿي تي هٿ رکي ته وار ڳوليا نه لڀنس، قد جو نهايت ننڍو پر اٺ ڪتابن جا پڙهيل، اوهان وري ٻيو سوال پڇندا ته ڇم ڇم ڪيئن ٿيو. بابا جيئن گهنگهرو وڃڻ سان ڇم ڇم جو سريلو آواز نڪرندو آهي تيئن ئي جڏهن اسماعيل ڳالهائڻ شروع ڪندو آھي ته ان جا لفظ رڳو لفظ نه هوندا آهن پر سرن جو اهڙو سنگم هوندا آهن جيئن پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن جو سريلو آواز ڇم ڇم.
اسماعيل ڇم ڇم چيو هيل سيءَ ڪجهه سوايا نه ٿيا آهن؟. ائين رات جو پارو پوي ۽ جسم جو رت ڄڻ ڄمي ٿو وڃي. مان هن وقت اڌ صدي کان مٿي ڄمار وارو ماڻهو آهيان منهنجي وهي ۾ ته اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو آهي آخر ان جو سبب ڇا آهي؟
نوجوان دانشور غلام بي بي سي هلڪي کنگھڪار ڪري گلو صاف ڪيو ۽ پنهنجي علم جي اوت ڏيندي چيائين ته سڄي دنيا جي موسم تبديل ٿي آهي، سرمائيدارن جي هٻڇي دنيا پنهنجي سرمائي کي وڌائڻ جي لاءِ نه صرف پورهيتن جو استحصال ڪيو آهي پر فطرت سان به ستم ڪيو آهي، ڪارخانن جي ڀر مار آهي. ڪارخانن جي ٻرندڙ چمنين مان نڪرندڙ زهريلي دونھين سڄي دنيا جي موسمن کي متاثر ڪيو آهي مٿان وري ٻيلن پوکڻ بدران ٻيلا وڍيا پيا وڃن. نه هنن کي ماحولياتي تبديلين سان ڪو واسطو آهي نه ئي وري هنن کي عام انسانن جي زندگين سان پيار، هي لڳي ٿو هن ڌرتي کي تباھ ڪري پنهنجو سرمايو کڻي وڃي مريخ تي نوان گهر اڏيندا. هي وڏن شهرن جي خفت ۾ ورتل حڪمران، ڳوٺن، تهذيبن، روايتن ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جا دشمن آهن. جن کي رڳو ڌرتي ئي ٿي گهرجي. هنن کي ترقي جي نالي تي اسٽيٽ جو منافعي بخش ڪاوربار کپي، جتي هنن جي ڪارخانن جو ٺهيل سرو، سيمنٽ ۽ ٻيو مٽريل جھجھي منافعي سان نه صرف وڪرو ٿئي پر شهرن جي مارڪيٽن تي به مستقل هنن جو قبضو رهي.
علامه ٽيٽڪپوري ڀڻڪيو رات جي سڄي سفر ۾ رڳو اوهان ٻنهين فلسفا جهاڙيا آهن انتهائي ردي قسم جا ماڻهو آهيو. اوهان کي هر ترقي جي راه ۾ رڪاوٽ ئي بڻجڻو آهي مدي خارج دوا جيان اوهان جا خيال به زهر بڻجي ويا آهن اوهان وٽ زندگي جيئڻ جو ڪو سريلو گس ناهي بچيو. اوهان جديد دور جا ماڻهو ئي ناهيو. هن پنهنجي مٿي تان مائو ڪيپ لاٿي ۽ گرم هٿ پنهنجي گنج کي هڻي ڄڻ گنج گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي پر سچ ته سندس لهجو ڏاڍو گرم هو. ڪجهه گهڙين لاءِ مچ جي چوڌاري خاموشي ڇانئجي ويئي فقط سڪل ٻٻر جي ڪاٺين جي ٻرڻ کانپوءِ ٽانڊن جي سڙڻ سان ٽچ ٽچ جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. علامه ٽيٽڪپوري اسماعيل ڇم ڇم ۽ غلام بي بي سي مٿان ڄڻ سخت سردي ۾ لفظن جو برف جو پهاڙ ڪيرائي وڌو هو. ڇپر ۾ خاموشي کي ٽوڙڻ لاءِ اکين کان جهاپي دُري ورياڻيءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، درو ورياڻي ڪير آهي اوهان جي پڇو ان کان اڳ ضروري آهي ته اوهان جو ان سان تعارف ڪرائي ڇڏيان، درو ورياڻي ٻنهي اکين کان ڄمندي جهاپو آهي بنهه گهٽ ڏسڻ جي باوجود به هن وٽ گڏهن جو پورو ولرآهي هي ڳوٺ ۾ مٽي ڍوهڻ، سرن ۽ ريتي کڻڻ جو ڪم ڪندو آهي. دُري لاءِ مشهور آهي ته دُرو سوَ بيٺل گڏهن مان به پنهنجي گڏھ کي ڳولي ڪاهي سگهي ٿو مقصد دُرو هن دور جو” گڏھ شناس” ماڻهو آهي. دري ڪڏهن به دعوي ناهي ڪئي ته هو “ماڻهو شناس” ماڻهو آهي پر پوءِ به درو عام ماڻهن کان بنھ مختلف آهي. هن جي دوستي گڏهن چارڻ وارن سان آهي پر اٿ ويهه علامه ٽيٽڪپوري، اسماعيل ڇم ڇم، غلام بي بي سي جهڙن چرٻ زبانن، گهڻ ڳالهائو اٺ ڪتاب پڙهيل عالمن سان آهي،ان هوندي به دُرو دوستي جي دعوي ڪرڻ بدران چوندو رهندو آهي ته عالمن سان منهنجي نيازمندي آهي.
دُري ورياڻي ڳالھائڻ شروع ڪيو، اوهان اکين هوندي انڌا آهيو، ڪنن هوندي ٻوڙا آهيو ۽ زبان هوندي گونگا آهيو. اوهان جنهن کي ترقي جو نالو ڏيو ٿا اها ترقي ڇا اوهان کان پڇي ڪئي وڃي ٿي اڳ قومن کي غلام بڻائي قتل ڪري سسيون ڌڙ کان ڌار ڪيون وينديون هنيون، يا قومن جي وطنن جي زمينن تي لکين ماڻهون لشڪر ڪشي ڪري اچي قبضا ڪندا هئا ڪيترن قومن جي ڌرتين کي ملهه تي خريد ڪري انهن تي سرحدي لڪيرون ڪڍيون ويون. اسرائيل اوهان جي اڳيان مثال آهي آمريڪا جا اصل وارث ريڊ انڊين هاڻي ڳوليا نٿا لڀن ائين نئين دنيا جي حاڪم قوتن جا واردات جا طريقا به نوان آهن هي پاڻ کي چون ٿا ته اسان ترقي جا دشمن آهيون ان ڪري اسان ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ڳالهائي نه صرف ترقي کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪريون پيا پر اسان جبل سان مٿو هڻي پنهنجو مٿو پاڻ ڦاڙي رهيا آهيون. اوهان کي خبر آهي ته مون جيان ٻيا به ماڻهو پنهجي گڏهن کي ساڳيا پٽا ڳچيءَ ۾ وجهي ڪوشش ڪندا آهن ته آئون پنهنجي ڀلوڙ گڏهن بدران هنن جي ڦنجن گڏهن کي رسو وجهي گهر ڪاهي وڃان، دشمن ائين ڪندا آهن هو ڪوشش ڪندا آهن ته اوهان کي اصل جي جڳهه تي نقل ڳچي ۾ ٻڌي هلائين، هو ڪوشش ۾ هوندا آهن عام ماڻهن کي ٻڌائين ته پهاڙ سان مٿو هڻڻ سان پهاڙ کي ڪجهه نه ٿيندو اوهان جو مٿو ئي ڦاٽندو. ها هي ائين ڪن پيا هنن ترقي جي نالي تي اسان کان ڌرتي ڦرڻ شروع ڪئي آهي. سڀاڻي جڏهن اسان جي ڌرتي تي ڌاريان ماڻهو اچي پير کپائيندا ته اسان وٽ اقتدار جو اختيار ئي نه رهندو.سنڌ هوندي پر ان جي اقتدار ۽ اختيار جا وارث ٻيا هوندا.
اوهان سڀ ماڻهو مونکي اکين کان انڌو ئي سمجهو ٿا پر سچ اهو آهي ته اوهان اکين هوندي به اندر جي نور کان محروم ٿيل آهيو. مان هڪ سو بيٺل گڏهن مان پنهنجو گڏھ سڃاڻي سگهان ٿو پر اوهان سڃاڻپ جي حس کان ڪوهين ڏور بيٺل آهيو. اوهان هر پنجين سال انهن ئي سياسي ڀوتارن کي ووٽ ڏيو ٿا جيڪي پنج سال اوهان کي پري رکڻ لاءِ بدمست گڏھ جيان ٽونٽيون هڻندا رهندا آهن. اوهان کي پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ناهي. اوهان ته مون کان به انڌا آهيو.
اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي سامونڊي پٽي تي هاڻي اوهان جو دسترس ناهي رهيو، ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين لکين ايڪڙ زمين هاڻي بلڊر مافيائن جي حوالي آهي. ڇا ان کي ترقي چئبو آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين جي تاريخ ۽ تهذيب کي مساري ڇڏيو انهن جي ڳوٺن کي مسمار ڪريو انهن کي پنهنجي شناخت کان پري رکو. بلڪل ائين ئي ٿيندو اوهان جا ٻيٽ اوهان کان کسجي ويندا ان سان گڏ لکين ماڻهو ان سامونڊي پٽي تان تڙجي ويندا. هي ترقي جي نالي تي اوهان جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي ويندا. اوهان کي اکيون کولي جيئڻو آهي.پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ جي انچ انچ جي مالڪي ڪرڻي آهي.
علامه ٽيٽڪپوري ٻيهر مائو ڪيپ مٿي تي رکي دُري ورياڻي جي جهاپين اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان پنهنجي علم ۽ تجربي سان وسوڪ سان چئي سگهان ٿو ته سنڌي ماڻهو ڪڏهن به نه سڌرندا،اسان جا ماڻهو سياسي ڀوتارن، سردارن، ميرن، پيرن جي پويان هلڻ وارا ماڻهو آهن هنن کي پنهنجي بابت ڪا به سوچ ناهي هي ﷲ لوڪ قوم آهي هن وٽ زنده رهڻ جو ڪوبه مقصد ناهي. هنن جي ترجيحن ۾ نه وطن ڪا معني نٿو رکي. ڪجهه نه ٿيندو……..
قطعي ڪلامي معاف.
اسماعيل ڇم ڇم وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، صدين کان هي وطن سنڌين جو رهيو آهي، هن وطن تي سوين هلائون ٿيون عرب، مغل، ترخان، منگول، فرنگي ۽ ٻيا آيا جن هن ڌرتي جي ماڻهن کي غلام بڻايو اڄ اهي حملي آوار ناهن پر سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻولي موجوده آهي، سنڌي تهذيب، تاريخ ۽ سنڌي ادب موجوده آهي. اهو چوڻ ته سنڌ وطن سنڌين جي ترجيح ۾ ناهي هن دور جو نه صرف وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي پر اها ڳالهه وقت جي حڪمرانن جي سنڌين مٿان زوري مڙهيل نفسياتي جنگ جي وڪالت جيان آهي. سنڌي عوام پنهنجي سموري تاريخي شعور ۾ ٻن شين تي ڪڏهن به مصلحت ناهي ڪئي هڪ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي ٻيو سنڌو درياه جي وجود تي.
ڪي ماڻهو ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾ حڪمرانن جي نفسياتي جنگ جو هٿيار ٿي استعمال ٿيندا آهن. اهو چوڻ ته سنڌي نه سڌرندا اها ڳالهه ائين آهي جيئن جنرل مشرف اقتدار دوران چيو هو ته سنڌي نااهل آهن.
اها روش اوڻيهه سو ستيتاليهن کان آهي جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته سرڪاري سرپرستي کان علاوه سنڌين پنهنجي ٻولي بچائي ورتي آهي. حڪمرانن جي ڪوششن باوجود سنڌي اڃان اقليت ۾ تبديل ناهن ٿيا اڃان ٻه وکون اڳتي وڌي سنڌين لاءِ اوپرو بڻايل شهر ڪراچي هاڻي سنڌين جي دسترس هيٺ آهي. ها اسان مقامي سياسي ڀوتارن، سردارن ۽ پيرن، ميرن جي قدامت پسند روين ۽ مدي خارج سياست جي پوئيواري ڪندي گهڻو ڪجهه وڃايو آهي پر سچ ته اسان جو هن ڌرتيءَ تي وجوده ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. سنڌي عوام سازشن سان مقابلو ڪري پنهنجي وطن جي مالڪي اڃان تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي آهي.
نوجوان دانشور غلام بي بي سي ڀڙڪو ڏيئي اٿيو ۽ نادي جي ٿڌي پاڻي مان گلاس پاڻي جو ڀري ڳڙڪ ڳڙڪ ڪندي پيئي ويو. هن اتان ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
اي لڪي جا جبل
گواہ رهجان.
اسان رات کي مات ڏيئي
تو وٽ سج اڀاري وڃي رهيا آهيون
توڙي جو اسان جي گهڻن ماڻهن جي
علم، عقل، فهم ۽ همٿ کي “مسنگ” ڪيو ويو آهي.
ان جي باوجود به اسان جيڪي بچيا آهيون
سي وطن جا واهرو ٿي
پنهنجي ڌرتيءَ جي انچ انچ جي
ائين حفاظت ڪنداسين
جيئن ماضيءَ ۾
اسان جي ابن ڏاڏن
اسان جي وطن جي حفاظت ڪئي هئي.
اسان ڪروڙين ماڻهن جو سڏ پڙاڏو بڻجي
اڳتي وڌندا سين .
اي روشن سج
گواهي ڏجان
اسان ڌرتيءَ جي گولي تي امن جا سفير آهيون
اسان مٿان زوريءَ جنگ مڙهي وئي آهي
اسان جي وجوده مٿان هلان ڪئي وئي آهي
اسان جا اڀا هٿ
رڳو پنهنجي وجود جي بچاءَ لاءِ مزاحمت ڪرڻ لاءِ آهن.
مونکي خوف آهي ته سنڌ رت سان رڱجندي.
مان گيڙو جهولي جهلي التجا ڪريان ٿو
“اسان مٿان جنگ نه مڙهيو. “
سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو. اسان لڪي جي چشمن ڏانهن روانا ٿياسين.
معخاني جي ڪکائين پتر واري ڀت ۾ فقير جي گودڙي اڃان ان فقير جي انتظار ۾ ناد کي هنج ۾ کڻي ٽنگي پئي هئي جنهن فقير جي ڦوڪ سان ناد جو آواز سڏ پڙاڏو بڻجي ايندڙ وقت ۾ ستلن کي جاڳائڻ جو ڪم ڪندو.

وڌيڪ پڙھو

پهاڙون ڪي بيٽي

پهاڙون ڪي بيٽي

هن کي بلوچستان جي پهاڙن، جابلو رستن، کجي جي وڻن، ڳوٺن ۽ بلوچستان جي انهن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *