اسان جي منزل سنڌ جي عزت آجپو ۽ خوشحالي آھي-ڊاڪٽرقادرمگسي جو نوابشاھ پارٽي اڳواڻ عمران ڪيريو جي ورسي تي خطاب

برسات ھجڻ باوجود ورسي جي تقريب ۾ ھزارين تعداد ۾ ماڻھن جي شرڪت-ڊاڪٽرقادرمگسي جو شاندار استقبال

عمران خان نيازي هڪ غيرسياسي ماڻهو آهي هن ملڪ جي معيشت کي تباه ۽برباد ڪري ڇڏيو آهي. زرداري کان ويندي عمران خان تائين جيڪي به حڪمران آيا آهن انهن ملڪ خاص طور سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو کاڌو پيتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي نوابشاه جي ڳوٺ سٺ ميل ۾ شهيد عمران ڪيريو جي ٻين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو هن چيو ته شهيد عمران هڪ بهادر بردبار بيباڪ نوجوان هو جنهن پنهنجي قومي جدوجهد جي ذريعي پاڻ کي امر بنايو. ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد ڪمال راهمون کان ويندي شهيد مالڪ نوحاڻي تائين سمورن شهيدن هن ڌرتي جي عزٿ آجپي خوشحالي جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. انهن جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين ساه جي آخري سڏڪي تائين جدوجهد جاري رهندي. هن وقت سنڌ انتهائي مشڪل وقت مان گذري رهي آهي ان لاءِ سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ٿي پنهنجي وطن جي حدن ۽ ننگن جي حفاظت لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻو پوندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي هيٺين مظلوم محڪوم پورهيت طبقي جي پارٽي آهي جنهن سدائين حق سچ جي لاءِ جنگ ڪئي آهي ڪڏهن ڪنهن آمر جابر ڀوتار يا جاگيردار جي آڏو جهڪي ناهي پر هن انهن وقت جي آمر کي اکيون اکين ۾ وجهي للڪاريو آهي انڪري هن وقت سنڌ واحد سنڌ ترقي پسند پارٽي آهي جيڪا پنهنجي نظرئي سان بيٺل آهي. اسان کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن هي سمورا پورهيت طبقي جا ماڻهو متحد ٿي سنڌ ۾ عزت آجپي ۽ خوشحالي جو انقلاب آڻيندا ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي، گلزار سومرو، اطھر شاھ، نثارڪيريو۽ٻين پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي تهملڪ جي حڪمرانن جي …