ارسا چيئرمين سنڌ دشمني وارا فيصلا بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي -ڊاڪٽرقادرمگسي

ارسا چيئرمين سنڌ دشمني وارا فيصلا بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي -ڊاڪٽرقادرمگسي

ارسا سنڌ دشمني وارا فيصلا بند ڪري ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ، پاڻي نہ ملڻ سبب سنڌ ۾  ھاڻي پيئڻ جو پاڻي بہ اڻ لڀ ٿي ويو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي ميڊيا ۾ ارسا چيئرمين پاران لڪ چوري ۾ تونسا پنجند ڪئينال کولائڻ واري خبر اچڻ تي ردعمل ڏيندي ڪيو ھن چيو تہ ٻين مسئلن جيان پاڻي جي معاملي تي سدائين سنڌ سان ناانصافي ٿيندي اچي ٿي. ارسا صرف نالي ۾ ادارو آھي اھو صوبن کي طئہ ڪيل پاڻي بہ نٿو ڏياري سگھي تہ پوءِ اھڙن ادارن جو ڪھڙو فائدو آھي. سنڌ جي معيشت جو دارو مدار زراعت آھي پر حڪمران سنڌ جي معيشت کي تباھ ڪرڻ جي پويان پيل آھن ڪڏھن زرعي جنسن جا اگھ ڪيرايا ٿا وڃن تہ ڪڏھن مارڪيٽ ۾ نقلي ٻج ڀاڻ آندا وڃي ٿا تہ ڪڏھن ضرورت وقت پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو. جنھن ڪري سنڌ جي زراعت روز ڏينھن بہ ڏينھن پوئتي پوندي ٿي وڃي. ڊاڪٽرقادر مگسي وڌيڪ چيو تہ سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ سبب زمينون سڪي ويون آھن آبادگار ڪا بہ وقت سر پوک نہ ڪري سگھيا آھن، ھاڻي پيئڻ جو پاڻي بہ اڻ لڀ ٿي ويو آھي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ معاھدي موجب طئہ ڪيل پاڻي نہ ڇڏڻ سبب انڊس ڊيلٽا مڪمل تباھ ٿي وئي انسان سان گڏ آبي جيوت ۽ فطري ماحول سخت متاثر ٿيو آھي. ھن وقت پوري سنڌ ۾ پاڻي جي 80 سيڪڙو کوٽ ٿي وئي آھي .اھڙي وقت ۾ ارسا چيئرمين پاران لڪ چوري ۾ ڪيل فيصلا انتھائي غلط ۽ شرمناڪ آھن. ھن مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ فوري طور ارسا سنڌ دشمني بند ڪري سنڌ کي معاھدي موجب حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي

وڌيڪ پڙھو

ارسا سنڌ دشمني ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي -ناانصافي جي خلاف سنڌ سخت احتجاج ڪندي -ڊاڪٽرقادرمگسي

ارسا سنڌ دشمني ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي -ناانصافي جي خلاف سنڌ سخت احتجاج ڪندي -ڊاڪٽرقادرمگسي

رپورٽ امتياز سمون- ھڪ طرف پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ تڙپي رھي آھي ٻي طرف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *