ارسا سنڌ دشمني ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي -ناانصافي جي خلاف سنڌ سخت احتجاج ڪندي -ڊاڪٽرقادرمگسي

ارسا سنڌ دشمني ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي -ناانصافي جي خلاف سنڌ سخت احتجاج ڪندي -ڊاڪٽرقادرمگسي

رپورٽ امتياز سمون- ھڪ طرف پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ تڙپي رھي آھي ٻي طرف پنجاب سينا زوري ڪندي ڪئينال کولي سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي رھيو آھي. جيڪا سنڌ سان سراسر ناانصافي آھي. سنڌ اھڙي ناانصافي جي خلاف روڊن رستن تي ڀرپور احتجاج ڪندي . اھڙن خيال جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي . ھن چيو ھڪ تہ پنجاب ۾ جيڪي بہ ڪئنال ٺاھيا ويا آھن اھي سنڌ جي رضامندي کان سواءِ ٺاھيا ويا آھن انھن جي ٺھڻ وقت سنڌ سخت احتجاج ڪيو پر وقت جي حڪمرانن سنڌ جي احتجاجن کي رد ڪندي اھي ڪئينال ٺاھيا ۽ چيو ويو تہ اھي ڪئنال ان وقت کوليا ويندا جڏھن ضرورت کان وڌيڪ دريائن ۾ پاڻي ھوندو. پر ارسا انھن کي ان وقت کولي ٿو جڏھن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري چڪي آھي . ڪوٽڙي کان ھيٺ ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ بہ پريشان آھن. ارسا جا اھڙا فيصلا ظاھر ڪن ٿا تہ ارسا چيئرمين سنڌ دشمني تي لٿل آھي ھو سنڌ کي سڪائي بنجر بنائڻ چاھي ٿو. چشما لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ھن وقت مڪمل وھي رھيا آھن ۽ سنڌ ۾ سنڌو درياءِ ۾ واري اڏامي رھي آھي. ايس ٽي پي سرابراھ ڊاڪٽر قادرمگسي وڌيڪ چيو تہ ارسا جو ادارو پاڻي جي ورھاست ۾ بي ايماني ڪري سنڌ جو پاڻي زوري کڻي رھيو آھي . ارسا جي اھڙي سينا زوري ڪنھن بہ ريت ملڪ جي مفاد وٽان ناھي . پاڻي جي اھڙي غيرمنصفاڻي ورڇ سان سنڌ جي اندر احساس محرومي وڌيڪ زور وٺندي. ھن چيو جيتوڻيڪ 1991 واري پاڻي جي معاھدي تي اسان کي سخت تحفظات آھن اسان ان وقت بہ ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي پر ھن وقت حالت اھا آھي جو پنجاب زوري سنڌ مٿان مڙھيل انھن سمورن معاھدن کي بہ ٽوڙي سنڌ جي حصي جو پاڻي بہ کڻي رھيو آھي. ھن مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ فوري طور سنڌ کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم طئہ ڪيل 10 ايم ايف پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. ھن چيو تہ جيڪڏھن ارسا اھا سنڌ دشمني بند نہ ڪئي تہ سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو. سڄي سنڌ روڊن رستن تي اچي پنھنجي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندي.

وڌيڪ پڙھو

عمران خان وٽ  ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

عمران خان وٽ ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو  آھي تہ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل …

Leave a Reply

Your email address will not be published.