اردن ۾ شاهه عبدالله جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ناڪام، اڳوڻي ولي عهد سوڌو اهم شخصيتون گرفتار

اردن ۾ شاهه عبدالله جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ناڪام، اڳوڻي ولي عهد سوڌو اهم شخصيتون گرفتار

اردن ۾ شاهه عبدالله جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ناڪام، اڳوڻي ولي عهد سوڌو اهم شخصيتون گرفتار، پرڏيهي ميڊيا موجب اردن ۾ شاهه عبدالله جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائيندي اڳوڻي ولي عهد حمزه بن حسين سميت 200 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اڳوڻي ولي عهد ۽ شاهه عبدالله جي ويڳي ڀاءُ حمزه بن حسين کي گهرڀاتين سميت سندس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، اردن جي اڳوڻي ولي عهد حمزه پنهنجي ويڳي ڀاءُ ملڪ جي بادشاهه تي ڪرپشن، نااهلي ۽ ماڻهن کي حراسان ڪرڻ جو الزام لڳايا هئا، اردن جي انٽيليجنس اختيارين موجب حراست ۾ ورتل شخصيتون نه رڳو ڪيترن ئي مهينن کان شڪي سرگرمين پر شاهه عبدالله خلاف به عوام ۾ احتجاج ۽ بغاوت جي منصوبابندي ۾ به ملوث هئا، تنهن هوندي سمورن ماڻهن جي نظربندي دوران واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. اردن ميڊيا مطابق            فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي سربراهه ميجر جنرل يوسف حونيتي اڳوڻي ولي عهد جي گرفتاري جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته حمزه کي گرفتار ناهي ڪيو، کيس اهڙيون سرگرميون روڪڻ جو چيو ويو آهي، جنهن سان اردن جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي کي خطرو آهي، ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي، جاچ جاري آهي، جنهن جا نتيجا سڀني سامهون آڻينداسين.  ٻئي طرف حمزه بن حسين هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته آئون ڪنهن به سازش يا منصوبابندي جو حصو ناهيان، مونکي گهر ۾ قيد ڪيو ويو آهي، جتي نه ڪنهن سان ملڻ جي اجازت آهي ۽ نه وري ڳالهائڻ جي اجازت آهي.

وڌيڪ پڙھو

ڪابل جو طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. اشرف غني تاجڪستان فرار

ڪابل جو طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. اشرف غني تاجڪستان فرار

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني طرفان ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ طالبان پنهنجي ويڙهاڪن کي …