اردن ۾ باه سبب 13 سنڌ واسي سڙي فوت ٿي ويا

اردن ۾ گهرن کي باه سنڌ واسي 13 ڄڻا فوت
ڪڪڙ شھر جي جويا محلا واسي خاندان جيڪي ڪيتري ئي عرصي کان اردن جي شھر ڪرامان ۾ رهائش پذير هئا رات بجلي مان شارٽ سرڪٽ سبب ٻن گهرن کي باه وڪوڙي وئي باه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 13 ماڻهون سڙي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا آھن سڙي فوت ٿيلن ۾ 30 سالا شريف جويو ۽ سندس گهر واري ، معصوم 10 سالا حفيظا ڌي شريف جويو ، 6 سالا دفالا پُٽَ شريف جويو ، معصوم 4 سالا خطيجه ڌي شريف جويو ، 3 سالا معصوم محمد پُٽَ شريف جويو ، علي شير جويو جي گهر واري 46 سالا مسمات صدوري ، 17 سالا مسمات حنيفه ڌي علي شير جويو ، عبدالرزاق جويو جي گهر واري ، 4 سالا عمر پُٽَ رزاق جويو ، 1 سالا احمد پُٽَ رزاق جويو سميت ٻيا شامل آھن ، سڙي فوت ٿيلن کي اردن حڪومت پاران ضروري ڪاروائين بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ، لاشن جي تدفين اردن جي شھر ڪرامان شھر ۾ ڪئي ويندي، ٻئي طرف مري ويلن جي وارثن پاران ڪڪڙ شھر ۾ تڏو وڇايو ويو…

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …